پريالوءِ (رپورٽ: عمران اوڍو) پريالوءِ ڀرسان زمين جي مالڪيءَ جي معاملي تان قتل ٿيل ٽن ڳوٺاڻن جو ڪيس پريالوءِ ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت 8 جوابدارن خلاف داخل، جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا. تفصيل موجب جمعي واري ڏينهن  پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ ڏونگر خان ڏونگراڻي ۾ زمين جي مالڪيءَ تان فائرنگ ۾ قتل ٿيل ٽن ڄڻن جو ڪيس مقتول علي حيدر ڏونگراڻيءَ جي والد ميرحسن ڏونگراڻيءَ جي فرياد تي پريالوءِ پوليس گناهه 202 اي ٽي سي تحت نياز محمد، رحمت الله ڏونگراڻي سميت 8 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس درج ٿيڻ بعد پريالوءِ پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پر جوابدار هٿ نه اچي سگهيا. ان سلسلي ۾ ايس ايچ او پريالوءِ جهانگير چانڊئي ٻڌايو ته قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن ڌرين ۾ ٻيهر جهيڙي جي خدشي سبب ڳوٺ ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڪالهه به علائقي ۾ خوف ۽ مارجي ويل ڳوٺاڻن جي گهرن ۾ سوڳ وارو ماحول برقرار رهيو.