روهڙي (رپورٽ: نثار چنجڻ) روهڙيءَ ويجهو سنگرار ٿاڻي جي حد سنگرار لنڪ روڊ تي ناصر آباد وٽ ھٿياربندن پاران موٽر سائيڪل سوار نوجوان اياز علي پٽ محمد ابراهيم کوسو کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مزاحمت تي هٿياربندن سڌي فائرنگ ڪري 25 ورھين اياز احمد پٽ محمد ابراهيم کوسو موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو. نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال روهڙي مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. آهي، واقعي کان پوءِ نوجوان جي وارثن ۽ سوين علائقي واسين غلام بند چوڪي ڀرسان ڌرڻو هڻي نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو. مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته سکر پوليس امن امان جي قيام ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. ماڻهو گهرن ۾ به محفوظ ناهن، ھوڏانھن ڌرڻي جي ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. ٽن ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي روهڙي ۽ جھانگڙو ٿاڻي جي پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري هاءِ وي کولرائي ڇڏيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.