دادو (رپورٽر) دادو شهر جي شهباز ڪالوني  ۾ اصغر جمالي پاران پنهنجي ڀائٽي شبنم سان مبينا طور جنسي زيادتي جي ڪوشش ڪئي آهي، اي سيڪشن ٿاڻي تي شبنم جي پيءُ اعجاز جمالي جي فرياد تي اصغر جمالي خلاف اين سي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي، شبنم جي پيءَ اعجاز جمالي ۽ ماءُ صنم جو چوڻ آهي ته هو ننڍڙي ڌيءُ کي ڏيکارڻ لاءِ اسپتال وٺي ويا ته پٺيان اصغر گهر ۾ داخل ٿي اسان جي ڌيءُ سان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي، ڌيءُ جي رڙين تي پاڙي وارن اسان کي اطلاع ڏنو، اسان پهتاسين ته اصغر گهر مان فرار ٿي ويو. شبنم جي پيءُ اعجاز دانهيو ته مان ڀاءُ کان واقعي بابت پڇڻ ويس ته هن مونکي به ڏنڊا هڻي زخمي ڪيو آهي، اي سيڪشن پوليس واقعي جي رپورٽ داخل ڪرڻ باوجود اصغر کي گرفتار نه ٿي ڪري ، هنن مطالبو ڪيو آهي ته سندن ڌيءُ سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ اصغر جمالي کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.