ملير (رپورٽر) پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو, صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو ۽ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي ڊي جي اصغر گهانگهرو ملير جي وسندي داتا نگر پهچي جنسي زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ٿيل معصوم ٻارڙيءِ فريحا جي وارثن وٽ پهچي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي صوبائي وزير ساجد جوکيو فريحا جي والد کي چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي پاران  مالي سهائتا طور چيڪ ڏنو، جڏهن ته قانوني مدد جي خاطري ڪرائي، ان موقعي تي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو چيو ته اهڙا واقعا معاشري لاءِ وڏو الميو آھن،  جن کي روڪڻ لاءِ  انتظاميا سان گڏ ھر هڪ شھري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي , هنن چيو ته جوابدار کي عبرتناڪ سزا ڏياري ويندي