اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي سينيئر اڳواڻ اسحاق ڊار جي پاڻمراد جلاوطني 5 ورهين بعد ختم، وزيراعظم سان گڏ وطن واپس پهچي ويو، وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ خصوصي اڏام ذريعي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار لنڊن ڪالهه رات واپس پاڪستان پهچي ويو، وزيراعظم خصوصي اڏام ذريعي لنڊن کان نور خان ايئربيس تي پهتو، وزيراعظم سان گڏ اسحاق ڊار کان علاوه استعيفا ڏيندڙ ناڻي وزير مفتاح اسماعيل، سڌ سماءَ جي وزير مريم اورنگزيب به گڏ هئا،ذريعن ٻڌايو آهي ته اسحاق ڊار پاران اڄ اڱاري ڏينهن سينيٽر طور حلف کڻڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اسحاق ڊار ناڻي وزير طور سڀاڻي اربع ڏينهن حلف کڻندو، ڏيهه پهچڻ کانپوءِ ناڻي جي نامزد وزير اسحاق ڊار  ميڊيا سان پهرين ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ڪرم سان پنهنجي ملڪ واپس اچي ويو آهيان، پاڪستان جنهن مسئلي ۾ ڦاٿل آهي، ڪوشش ڪندس ته ان مان کيس ڪڍي وٺون، معاشي بحران ۾ ڦاٿل پاڪستان کي 1998ع ۽ 2013ع ۾ به ڪڍيو هو، هاڻي به اهڙي ڪوشش ڪندس، اسحاق ڊار 3 مارچ 2018ع تي پنجاب صوبي مان ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي سينيٽر چونڊيو ويو، جنهن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن 9 مارچ 2018ع تي جاري ڪيو ويو هو، ساڍن 4 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ باوجود اڃا تائين اسحاق ڊار سينيٽر طور پرڏيهه ۾ هجڻ ڪري حلف نه کڻي سگهيو آهي، جڏهن ته ان کانسواءِ اسحاق ڊار کي ملڪ اچڻ کانپوءِ ٽن ڪيسن کي به منهن ڏيڻو پوندو، جن ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ جو ڪيس به شامل آهي، اسحاق ڊار کي حتمي ضمانت لاءِ به احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو.