ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ)ڊار جي واپسي ڊالر کي لغام ڏئي ڇڏيو: سون ۾ 6200 رپين جي  ريڪارڊ  لاٿ، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 6200 رپيا لاٿ سان 149500 مان 143300 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 2 ڊالر لاٿ سان  1640 ڊالر في آئونس تي پهتو. هوڏانهن  چاندي 10 رپيا لاٿ سان 1580 مان 1570 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 3 رپيا لاٿ سان 241 مان  238 ۽ انٽر بينڪ ۾ 2.63 رپيا گهٽتائي سان  239.65 مان 237.02 رپيا  ٿي ويو، مني چينجرن موجب  انٽر بينڪ ۾ هڪ موقعي تي ڊالر ۾ 4.15 رپين جي  لاٿ آئي هئي، هوڏانهن  پائونڊ 11 رپيا لاٿ سان 260.5 مان 249.5 ۽ يورو6 رپيا گهٽتائي سان  232.5 مان 226.5 رپين تي پهتا هئا. هوڏانهن  اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي رڪارڊ ڪئي وئي، ڪالهه 100 انڊيڪس 345 پوائنٽن جي واڌ سان 40965 پوائنٽن تي بند ٿي.