پاڪ-ڀارت ميچ دوران مذهبي نعريبازي: پي سي بي جي آءِ سي سي کي شڪايت

0
123
پاڪ-ڀارت ميچ دوران مذهبي نعريبازي: پي سي بي جي آءِ سي سي کي شڪايت
پاڪ-ڀارت ميچ دوران مذهبي نعريبازي: پي سي بي جي آءِ سي سي کي شڪايت

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) احمد آباد ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ دوران تماشائين جي “اڻوندڙ رويي” تي آءِ سي سي سان شڪايت ڪري ڇڏي

احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ هڪ لک کان وڌيڪ تماشائي ميچ ڏسڻ لاءِ موجود هئا جن ۾ اٽڪل سڀئي ڀارتي ٽيم جا سپورٽر هئا. اڱاري جي ڏينهن پي سي بي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب پاڪستاني صحافين کي اڃا تائين ڀارتي ويزائون جاري نه ڪرڻ وارو معاملو به آءِ سي سي آڏو اُٿاريو ويو آهي

ترجمان 14 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ دوران پاڪستاني رانديگرن سان اڻوندڙ رويي واري معاملي تي شڪايت پڻ ڪئي آهي. واضح رهي ته احمد آباد ۾ پاڪ ڀارت ميچ دوران محمد رضوان جي آئوٽ ٿيڻ ۽ پويلين موٽڻ دوران ڪجهه تماشائين طرفان مبينا طور ” جئه شري رام “ جا نعرا هنيا ويا هئا

ياد رهي ته احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي دنگل ۾ ڀارت پنهنجي کٽڻ جي روايت برقرار رکندي پاڪستان کي ستن وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي اِها ون ڊي ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ ڀارت جي پاڪستان خلاف لڳاتار اٺين ڪاميابي هئي