اشو آف دي ڊي … ميرپورخاص ۾ رجيتا ڪولهي مذهب مٽائي پرڻو ڪرڻ کانپوءِ سيف هائوس منتقل: سوشل ميڊيا تي بحث، عوام نظام انصاف تي سوال اٿاري ڇڏيا

0
92

 ميرپورخاص ۾ ناري رجيتا ڪولهي کي مذهب مٽائي پرڻو ڪرڻ کانپوءِ سيف هائوس موڪليو ويو، ناري جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هوءَ رڙيون ڪري چوي ٿي ته آئون مائٽن ڏانهن وڃڻ چاهيان ٿي، اهڙي وڊيو کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي، سوشل  ميڊيا تي سوال اٿاريو ويو ته جڏهن ناري پاڻ بيان ڏئي ٿي ته مون کي وارثن حوالي ڪيو ته پوءِ کيس سيف هائوس ڇو منتقل ڪيو ويو آهي؟ نظام انصاف تي به سوال اٿاريو ويو،  ان حوالي سان شانل کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته منهنجي ڀيڻ رجتنا…!! توکي خبر نه هئي ته تون ڪھڙي ملڪ ۾ پيدا ٿي آهين  جن جي اڳيان تنهنجون ڪيل دانهون ڪوڪون  قانونن جي رکوالن جي  لاءِ بي آواز هونديون آهن. رجتنا  تون اهو ڪيئن وساري ويٺي آهين ته هتي  رجيتا ۽ عائشه جي ڪيل فيصلن، کنيل قدمن جي لاءِ الڳ الڳ ماپا هوندا آهن. منهنجي ڀيڻ رجيتا….! ياد رک ته هتي جيڪڏهن 20 سالن جي عائشه  ڪورٽ جي اونچن ديوارن تائين پھچي ٿي ته هي سڀ ان کي 12 سالن جو چئي هٿيارن جي زور تي به واپس ڪري ٿا ڇڏين. منهنجي ڀيڻ رجيتا…! پر تنهنجي زندگيءَ جي لاءِ هنن اونچن ديوارن وٽ الڳ معيار هوندو آهي ڀلي تون 12 سالن جي هجي امان بابا ڏي وڃڻ چاهين تڏهن به تون 20 سالن جي ٿي ويندئي، هنن وٽ تنهنجون ڪوڪون ،دانهون، ايلاز منٿن  جو ڪو اثر نه هوندو آهي هنن جي اکين تي پٽيون، ڪنن ۾ ڪپھه جا ٻُڙا پئجي ويندا آهن. رجيتا تنهنجو آواز، تنهنجون سسڪيون ڪنهن سيف هائوس / دارالامان جي ڪمري ۾ دٻجي وينديون…جنهن تي وير سنتوش لکيو ته قانون سڀ بي قانونا…ھتي جيڪو قانون جو خيال ڪري، عزت سان روزي روٽي ڪري ڪنھن به غير قانوني سرگرمي ۾ شامل نه ھجي  سٺو شھري ھجي ٿو اھو ماڻھو هتي ڏوهاري آهي جوابدار آھي باقي جيڪو ڪرمنل آ فراڊي آ قانون کي گھربل آ رياستي رٽ کي چيلينج ڪري ٿو ھٿياربند آ ڪنھن ب ناجائز طرح پاور فل آ اھو ماڻھو هتي پسند ڪيو ٿو وڃي، محمد عمر، نجمه ويراڳ مهيشوري، رميش ڪمار، ڊاڪٽر صائمه جعفري به ردعمل ڏنو، زاهده ڏاهري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته رجيتا ڪولھي جڏهن ڪورٽ ۾ بيان ڏئي ڇڏيو ته آئون مائٽن سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي پوءِ سيف هائوس ۾ رکڻ جو ڇا مقصد آهي؟ جنهن تي همٿ مغيري لکيو ته سراسر ڌرتي ڌڻين سان ظلم آهي، صنم منگي، اشوڪ راماڻي به ردعمل ڏنو، سورٺ ٿيٻو لکيو ته هي سراسر ظلم آهي، نهالچند پرمار لکيو ته انصاف ڪٿي آهي غريب هندن لاءِ، هر روز ظلم آ ڪڏهن غريبن کي سک سان جيئڻ ڏيندا غريب ڇا ڇا ڪري سگهي ٿو، زيب سنڌي لکيو ته اهو ٻٽو معيار مذمت جوڳو آهي، ايڊووڪيٽ رميش ڪمار لکيو ته جسماني ۽ نفسياتي ٽارچر ڪرڻ لاءِ، پير عرفان علي لکيو ته مائٽن جي گهر مان نڪرڻ کان پهرين هزار بار سوچي ته اڳتي جو ڇا نتيجو نڪرندو، سيما شيخ لکيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن ملڪ ۾ ٻٽو قانون ڇو آهي، سڀ شهري برابر ڇو ناهن، فرحانه سولنگي لکيو ته انڌير نگري چرٻٽ راج، نواب عبيدالرحمان لکيو ته هن جو مذهب تبديل ڪيو ويو آهي، راجا انور لکيو ته هي عمل قانون جي توهين آ ناري جي بيان بعد کيس وارثن حوالي ڪيو وڃي، عبدالعزيز ڀٽي، مبين اڄڻ به ردعمل ڏنو، عبدالغفار ميمڻ لکيو ته سنڌي ھندن سان نا انصافي ٿا ڪن، شفقت عباس لکيو ته سيف هائوس کان بهتر ان جي مائٽن جو گهر هوندو، مجيد ساگر پرهياڙ لکيو ته مذمت ڪجي ٿي. رجيتا کي مائٽن جي حوالي ڪيو وڃي، عبدالحڪيم گهانگهرو، جئي ميگهواڙ به ردعمل ڏنو، حورالنساءِ پليجو لکيو ته سڀ وڏيرن ۽ جاگيردارن جا ساٿاري آهن، محمد عالم مغل، ارشاد احمد، ظهير پنهور به ردعمل ڏنو، عبدالغفار ميمڻ لکيو ته سنڌي هندن سان نا انصافي ڪئي ٿي وڃي، فراق هاليپوٽو به ردعمل ڏنو، ڪامريڊ سوڀراج سنگهه لکيو ته وڏيرڪو سماج انڌو قانون، نندلال لکيو ته سيف ھائوس ڪھڙا کير جا ڌوتل آھن ھنن نياڻين جون عزتون وڏيرن سردارن کي وڪرو ڪيو وينديون، عثمان ٿري، واحد علي ميرجت، نديم ڀٽو به ردعمل ڏنو، شهمير سومرو لکيو ته ظلم جي انتھا، بيوس ۽ لاچار آخر ڪيڏانهن وڃن؟ اياز ملاح به ردعمل ڏنو، سومرو شريف لکيو ته انڌير نگري آ، حاجي عبدالڪريم ڳاهو لکيو ته انڌو قانون آهي، اسد بلوچ، شفيق آر ٻٻر، ڀڳوان داس ميگهواڙ، سچل منگي، حميرا آريسر، ساجد علي ميراڻي، احمد شاهد شر، ڪمليش ڪمار، تبسم قيوم، اسد بلوچ،امجد ڪريمي، ڪيلاش کوکر به افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ويو ته قانون جو ٻٽو معيار آهي، روشن ناز لکيو ته نا انصافي ٿي آهي، ماءُ پيءُ کان وڌيڪ ڪا به پناهگاهه ناهي هوندي، مرزا خان سريوال، مٺل جسڪاڻي، سورج سولنڪي، تهمينه عمراڻي به ردعمل ڏنو. عائشه ڌاريجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هن نياڻي جي رڙين تي عرش به رُنو هوندو، انهن جي مائٽن تي ڇا گذرندي هوندي، نياڻي وڏي آواز ۾ چئي پئي ته مائٽن ۾ وڃڻ ٿي چاهيان… افسوس….عورت ڏاڍي مظلوم آھي… بدين ضلعي جي نيو دمبالو سان تعلق رکندڙ رجيتا ڪولهي جنهن کي ڪنهن شخص احمداڻي  مبينا اغوا ڪيو هو، رجيتا ڪورٽ ۾ مائٽن سان گڏ وڃڻ جو بيان ڏنو پر کيس سيف هائوس موڪلڻ جو حڪم ڏنو ويو، جنهن تي مهيش ڪمار لکيو ته ظلم جي انتها انڌو قانون آهي سوچ قبيلائي ۽ انتهاپسندي آخر احتساب ڪير ڪندو؟ معصوم نياڻي سيف هائوس منتقل ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو جڏهن نياڻي روڄ راڙو ڪري پئي ته مون کي پنهنجي ماءُ جي گهر موڪليو، افسوس اهو ٻٽو معيار آهي، ساڳئي ڪيس جي ٻڌڻي جنهن ۾ سامهون واري ڇوڪري مسلم هئي پنجاب سان تعلق هئس ان کي مائٽن ڏانهن موڪليو ۽ سنڌ جي مومل نياڻي کي شيلٽر هوم هڪ ڏينهن ۾ 2 فيصلا، ڇو جو سنڌ جي نياڻي هندو هئي ۽ مسلم نياڻي پنجابي مسلم هئي، صالح  ميمڻ لکيو ته عدالت آڏو نياڻي جي زندگي کي تحفظ جو مسئلو هوندو شايد ان ڪري، نعمت کهڙو، محب علي ڪڪري، چيتن ميگهواڙ، صائمه ڪلهوڙو، فضل الحق، ممتاز شيخ به ردعمل ڏنو، فقير اياز سارنگ، محبوب جوڻيجو، ردا بتول، عمران رسول، هنسراج پرمار به ردعمل ڏنو.