پاڪ- ڀارت دنگل: هوٽلز، آڊيٽوريم هال، پارڪس اسٽيڊيم جو ڏيک ڏيندا رهيا

0
178

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) ڪرڪيٽ جي دنيا جو  سڀ کان وڏو پاڪ-ڀارت دنگل ڪالهه ٿيو، جنهن ڪروڙين ماڻهن جي دلين جون دڙڪون تيز ڪري ڇڏيون. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو، سکر، لاهور، فيصل آباد، ملتان، راولپنڊي ۽ ٻين شهرن ۾ وڏين اسڪرينن تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل دنگل ڏٺو ويو.

ڪراچي ۽ لاهور جا هوٽلز، آڊيٽوريم هال ۽ پارڪس اسٽيڊيم جو ڏيک ڏيندا رهيا. پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون دبئي ۾ کيڏي رهيون هيون، پر اسٽيڊيمز جو ڏيک پاڪستان جا وڏا شهر ڏئي رهيا هئا. سوشل ميڊيا تي به ماحول گرم رهيو، ٻنهي ٽيمز جي مداحن ۾ جنگ ڇڙيل رهي، ڪنهن پاڪستان جي حمايت ڪئي ته ڪنهن ڀارت کي فيورٽ قرار ڏنو، جڏهن ته اڳوڻن ڪرڪيٽرن جو چوڻ آهي ته ڪالهه واري ميچ ڪنهن کٽي اِن تي فرق نٿو پوي، پر ڪاميابي وري به ڪرڪيٽ جي ٿي آهي.

ھي به پڙھندا

پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ ڀارت کي تاريخي شڪست ڏئي ڇڏي