اننيا پانڊي واٽس ايپ چيٽ ڊليٽ ڪري ڇڏي، اين سي بي ڊيٽا حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرم

0
375
اننيا پانڊي واٽس ايپ چيٽ

ممبئي(شوبز نيوز) نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) اختيارين اداڪارا اننيا پانڊي جي اليڪٽرانڪ شين مان ختم ڪيل ڊيٽا ٻيهر حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جيڪا ڇاپي دوران ان جي رهائش گاهه تان ضبط ڪيا ويا هئا.ڀارتي ميڊيا موجب انهن اليڪٽرانڪ شين ۾ اداڪارا جون ٻه موبائلون ۽ هڪ ليپ ٽاپ موجود آهي.

رپورٽن ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ايجنسي کي اهو شڪ آهي ته موبائل چيٽس، تصويرون ۽ وائيس نوٽس سميت چيٽ جا ڪيترائي حصا ڊليٽ ڪيا ويا آهن.انکانسواءِ اننيا جي آريان خان سان مبينا واٽس ايپ چيٽس سامهون اچڻ تي ڪيس ۾ جاچ دوران ڪجهه مشڪوڪ مالي ڏي وٺ به سامهون آئي هئي. جنهن بابت اداڪارا کان گذريل ڏينهن به پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي.

ھي به پڙھندا

منشيات ڪيس: اين سي بي جو اداڪارا آننيا پانڊي جي گھر ڇاپو