منشيات ڪيس: اين سي بي جو اداڪارا آننيا پانڊي جي گھر ڇاپو

0
294
آننيا پانڊي جي گھر ڇاپو

ڀارتي نارڪوٽيڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) اداڪار چنڪي پانڊي جي ڌيءَ اداڪارا آننيا پانڊي جي گھر ڇاپو ھنيو آھي، ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب صبح جو سوير شاھ رخ خان پنھنجي پٽ آريان سان ملاقات لاءِ جيل ويو، جنھن بعد اين سي بي شاھ رخ خان ۽ آننيا جي گھر ڇاپو ھنيو

رپورٽس موجب اين سي بي اداڪارا کي بھ اڄ طلب ڪري ورتو آھي، ياد رھي تھ گذريل ڏينھن آريان جي ضمانت واري درخواست جي دوران عدالت ۾ آريان ۽ ان جي ايندڙ فلم جي ساٿي اداڪارا جي واٽس ايپ چيٽ پيش ڪئي وئي ھئي، جنھن ۾ ھنن منشيات بابت ڳالھ ٻولھ ڪئي ھئي، ڀارتي ميڊيا ۾ اھا دعويٰ ھلي رھي آھي تھ مذڪورا چيٽ آننيا پانڊي سان ڪئي وئي ھئي.

ھي به پڙھندا

 

شاهه رخ خان جي گهر تي ڇاپي جي وڊيو