پاڪستان ۾ ڪرپشن ۽ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ

0
197
سنڌ-۾-دريائي-ٻوڏ-جي-صورتحال

 ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پنهنجي گذريل سال واري رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، هر سال، سال گذرڻ کانپوءِ هو پنهنجي رپورٽ شايع ڪندا آهن، انهي رپورٽ ۾ 180 ملڪن بابت ڄاڻ ڏني ويندي آهي ته انهن ۾ گهڻي ڪرپشن ٿي.  اهو  هڪ جرمن ادارو آهي ۽ هو رپورٽ ٻن طريقن سان ڏئي ٿو، هڪڙو هر ملڪ کي نمبر ڏنو وڃي ٿو ته ٻين جي ڀيٽ  ۾ گهڻي ڪرپشن ٿي، ٻيو طريقو آهي ته هر ملڪ کي مارڪون ڏنيون وڃن ٿيون ته ڪرپشن جي لحاظ کان هر ملڪ جون مارڪون گهڻيون آهن.

پهرين طريقي مان خبر پوي ٿي ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ انهي ملڪ جو نمبر ڪهڙو آهي؟ جيئن پاڪستان جو نمبر 140 آهي، ٻئي طريقي مان اها خبر پوي ٿي ته انهي  ملڪ ۾ ڪيتري ڪرپشن آهي، جنهن ملڪ جون مارڪون گهٽ هجن ٿيون اهو ملڪ ڪرپٽ ليکبو آهي. وري جنهن ملڪ جون مارڪون وڌيڪ هجن ٿيون اهو ملڪ ڪرپشن کان پاڪ ليکبو آهي. پاڪستان جون مارڪون هن سال  آهن ،28 وري جنهن ملڪ جون مارڪون 50 کان گهٽ هجن ٿيون اتي ڪرپشن هڪ سنجيده مسئلو ليکيو وڃي ٿو. پاڪستان جون مارڪون به هن سال گهٽ آهن  تنهن ڪري پاڪستان ۾ ڪرپشن هڪ سنجيده مسئلو آهي.  وري مارڪون ڏيڻ جو حساب ڪتاب انهي نموني ۾ آهي ته جنهن ملڪن جون مارڪون 100 آهن اهو گهٽ ڪرپٽ ملڪ ليکيو وڃي ٿو ۽ جنهن جون گهٽ مارڪون ٿين ٿيون اهو وڌ ۾ وڌ ڪرپٽ ملڪ ليکيو وڃي ٿو، ڪنهن ملڪ جون  مارڪون نه 100 آهن نه ٻڙي آهن معنيٰ 180 ملڪن ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪرپشن آهي، ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ.

دنيا جا گهٽ ۾ گهٽ ڪرپٽ ملڪ:

اهي هيٺيان آهن:

ملڪ      مارڪون

  1. ڊينمارڪ – 88
  2. فن لينڊ-88
  3. نيوزي لينڊ-88
  4. ناروي-85
  5. سنگاپور-85

6.سوئيڊن_85

  1. سوئزو لينڊر-84
  2. نيدرلينڊ-82
  3. ليسمبرگ 81
  4. جرمني-80

دنيا جا وڌيڪ ڪرپٽ ملڪ:

  1. ڊکڻ سوڊان -11
  2. صوماليا- 13
  3. وينزويلا-14
  4. يمن-10
  5. اُتر ڪوريا-16
  6. افغانستان 17
  7. لبيا- 17
  8. قطبي گانا- 17
  9. 5ترڪمانستان 19
  10. قطبي جمهوريت ڪانگو- 19

پاڪستان جي سرڪاري عملدارن جا بيان.

وزيراعظم عمران خان چوي ٿو ته مون انجام موجب پاڪستان ۾ 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪري ڇڏي، برابر نيب جي ڪري پاڪستان ۾ ڪرپشن گهٽجي وئي آهي  پر معاملا ڪورٽن ۾ هجڻ ڪري حاصلات (Recovery) ڪجهه نه ٿي  آهي  پوءِ ڪرپشن ڪيئن گهٽي؟ ٻئي پاسي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي  رپورٽ مطابق اها وڌي آهي  جو هن سال پاڪستان جون نمبر 140 آهي جڏهن ته گذريل سال اهو نمبر 124. وري ٻئي پاسي وفاقي وزير اطلاعات فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ مالي ڪرپشن نه ٿي آهي صرف قانون جي حاڪميت  مطابق مسئلا ٻڌايا ويا آهن، سوال اهو ٿو اٿي ته قانون جي حڪمراني ڪنهن جي جوابداري آهي؟ اها حڪومت جي جوابداري آهي. پوءِ ملڪ ۾ ڪرپشن ته وڌي؟  نمبرن مان خبرپوي ٿي ته ملڪ ۾ ڪرپشن وڌي انهي جو اهو مطلب ٿيو ته 180 مان 40 ملڪ پاڪستان کان گهٽ ڪرپٽ آهن ۽ 139 ملڪ پاڪستان کان وڌيڪ ڪرپٽ آهن، اچو مارڪن تي پاڪستان جون مارڪو آهن 28 ۽ گذريل سال هيون 31 معنيٰ مارڪون گهٽيون معنيٰ ڪرپشن وڌي.

پاڪستان ۾ ڪرپشن جا قسم:

اسان وٽ پاڪستان ۾ ٻن طرح جي ڪرپشن آهي هڪڙي مٿئين ليول جي ٻي هيٺين ليول جي. مٿئين ليول جي ڪرپشن ۾ ملڪ جو پيسو ٻاهرين ملڪن  جي بئنڪن ۾ رکيو وڃي ٿو، اهو انهي ملڪ جي ڪم نٿو اچي.  جتان جو پيسو آهي ، نتيجي ۾ روڊ رستا نٿا ٺهن، ٻارن جي تعليم لاءِ اسڪول ڪاليج  نٿا کوليا وڃن. علاج لاءِ اسپتالون نٿيون ٺاهيون وڃن. پاڻي جو صحيح بندوبست نٿو ڪيو وڃي. زوردار ماڻهن ڪري پڇڙي  تائين پاڻي نٿو پهچي. شهر ۾ پاڻي نڪاسي جو نظام ناقص ٺاهيو وڃي ٿو. شهن ۾ گند نٿو کنيو وڃي ۽ ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي وڃي ٿو. معنيٰ ملڪ ۾ ترقي نٿي ٿئي ۽ ٺاهيل ڪم ناقص هجن ٿا، جيڪڏهن انهن پئسن مان  ڪارخانا، لڳن فيڪٽريون هنيون وڃن ته ماڻهن کي روزگار ملندو. شيون ٻاهرين ملڪن کان گهرائڻ بدران ۽ ٻاهريون ناڻو بچندو ۽ اهو ناڻو ٻين ڪمن ۾ لڳائي سگهجي ٿو. هيٺين ليول جي ڪرپشن اها آهي ته پوليس وارا ،ڪلرڪ ۽مختيارڪار وارا ڪرپشن ڪن ٿا پر اها هزارن ۾ ٿئي ٿي جڏهن ته مٿئين ليول جي ڪرپشن اربين رپين ۾ ٿئي ٿي.

ڇا پاڪستان ۾ ڪرپشن گهٽجي سگهندي؟

دنيا ۾ ڪوئي به ملڪ ڪرپشن کان پاڪ ناهي، هر ملڪ ۾ ڪرپشن آهي ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ. عالمي شفافيت واري اداري ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي سال 2021ع واري رپورٽ ۾ ڪنهن ملڪ جون مارڪون 100 ناهن، وڌ ۾ وڌ مارڪون 88 آهن، معنيٰ هر ڪنهن ملڪ ۾ ٿوري گهڻي ڪرپشن آهي، پر اسان جون مارڪون انهي لسٽ ۾ 28 آهن، جنهن مان خبر پوي ٿي ته ڪجهه ملڪ اسان کان وڌيڪ ڪرپٽ آهن ۽ ڪجهه اسان کان گهٽ ڪرپٽ آهن. وري ڇا جي ڪري ته اسان جون مارڪون 28 آهن تنهن ڪري اسان جي ملڪ جي شدت (Severe) واري صورتحال آهي ۽ اسان کي ملڪ مان ڪرپشن گهٽائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪرڻي پوندي. عمران خان جي وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ اسان کي ڪافي اميد هئي ته ملڪ ۾ ڪرپشن گهٽجندي پر اسان جون مارڪون وري به 28 آهن جڏهن گذريل سان اهي 31 هيون پر پاڪستان ۾ ڪرپشن نه گهٽجي سگهي، جيتوڻيڪ عمران خان نيب کي تمام گهڻو چست ڪري ڇڏيو آهي.

منهنجي خيال ۾ ڪرپشن واري ڳالهيون ڏکيون ۽ سنگين آهن، اسان کي ڪرپشن گهٽائڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي پر مڪمل گهٽائڻ ممڪن ناهي، اسان ڪيتري به ڪوشش ڪريون اها مڪمل گهٽجي نه سگهندي.