تاريخ جي سچ کي پُٺِي نه ڏيو!

0
190
حڪمران ڌرين جا لانگ مارچ وڃايل ساک بچائڻ جي ڪُوشش

   اهو ته تاريخي سچ آهي جنهن کان ڪو به باشعور ۽ سڄاڻ ماڻهو انڪار نٿو ڪري سگھي ته پاڪستان 1940ع جي قرارداد لاهورجي بنياد تي قائم ٿيو هو، جنهن کي هاڻي قرارداد پاڪستان به سڏيو وڃي ٿو. 22 مارچ کان 24 مارچ 1940ع تي لاهور جي منٽو پارڪ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي ٽن ڏينهن واري سالياني اجلاس جي پڄاڻيءَ تي اها تاريخي قرارداد منظور ڪئي وئي هئي  جنهن بنياد تي برصغير ۾ مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ جي گھُر ڪئي وئي هئي. اها ڳالھه به دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي ته پاڪستان جي قيام لاءِ رڳو 1940ع واري قرارداد به ڪافي ڪونه هئي. ڇو ته ان قرارداد کانپوءِ انگريزن طرفان محمد علي جناح کي چيو ويو ته هو متحده هندستان جي ڪنهن به مسلم اڪثريت واري صوبي جي قانون/ دستور ساز اسيمبليءَ مان مسلمانن جي لاءِ نئين ملڪ جي حق ۾ هڪ قرارداد منظور ڪرائي.

ان مقصد جي حصول لاءِ محمد علي جناح پاران بنگال جي وزيراعليٰ سر فضل الحق، پنجاب جي وزيراعليٰ سر سڪندر حيات ۽ سرحد جي وزير اعليٰ سان پڻ رابطا ڪري پنهنجن صوبن مان قرارداد منظور ڪرائڻ لاءِ چيو ويو. پر، ڪٿان به پاڪستان جي حق ۾ قرارداد منظور ڪرائڻ جي حامي نه ڀري وئي. اهڙي نازڪ موقعي تي سنڌ جي دستور ساز اسيمبليءَ مان 23 مارچ 1943ع تي آل انڊيا مسلم ليگ جي سرگرم اڳواڻ سائين جي ايم سيد قرارداد پيش ڪئي جيڪا اڪثريت راءِ سان قبول ٿي وئي. ان قرارداد ۾ چيو ويو ته “ هندستان جا مسلمان هڪ الڳ قوم آهن، جن جون الڳ پنهنجون سماجي رسمون، ادب، ريتون، روايتون، سياسي اقتصادي مفاد آهن. هو هندن کان بلڪل مختلف آهن. جنهن ڪري ضروري آهي ته هندستان جي انهن علائقن ۾ جتي مسلمان گھڻائي ۾ آهن، اتي کين الڳ ملڪ ٺاهي ڏنو وڃي!”.

جيئن ته 1940ع جي قرارداد لاهور ۾ هڪ کان وڌيڪ رياستن جو ذڪر ڪيو ويو هو، جنهن کي 1941ع ۾ آل انڊيامسلم ليگ جي آئين جو به حصو بڻايو ويو هو. ان قرارداد ۾ پاڪستان ۾ شامل رياستن کي خودمختيار بنائڻ جو مطالبو به ڪيل هو. پر، بدقسمتيءَ سان پاڪستان جي قيام کانپوءِ ملڪ ۾ شامل قومن کي پنهنجا مڃيل حق ۽ خودمختياري ڏيڻ کان صاف انڪار ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان ڌار ٿي الڳ ملڪ بنگلاديش بڻجي ويو. 11 سيپٽمبر 1948ع تي محمد علي جناح جي وفات کان ڪجھه مهينا پوءِ لياقت علي خان جي قرارداد مقاصد جي عنوان سان نيون ترجيحات طئي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جنهن ۾ 1940ع جي قرارداد جي ابتڙ مضبوط مرڪز جو فارمولو طئي ڪيو ويو، جنهن سان نه کٽندڙ اختلاف شروع ٿي ويا. جڏهن ته هندستان جي ورهاڱي کان پهريان مسلم ليگ مضبوط مرڪز جي خلاف ۽ وڌ کان وڌ صوبائي خودمختياري جي حامي هئي.  ڪئبينيٽ مشن پلان جي منظوري به ان ڪري واپس ڪئي وئي هئي جو ڪانگريس ان پلان جي شقن جي تشريح مضبوط مرڪز جي طور تي ڪري رهي هئي، پر هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي قيام بعد جڏهن مسلم ليگ کي نئين رياست جي تشڪيل جو مرحلو درپيش آيو ته ان صوبائي خودمختياري جي فارمولي جي مطالبي کي علاقائي ۽ صوبائي تعصب جو نالو ڏنو.

ملڪ ۾ شامل قومن پاران پنهنجي قوم، وطن ۽ ڌرتيءَ جي وسيلن، روزگار ۽ آمدنيءَ جي ذريعن جي مالڪي ڪرڻ، پنهنجي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ جي گھُر ڪرڻ کي اسلام دشمني، ملڪ دشمني ۽ پاڙيسري ملڪن جو ايجنٽ ۽ غدار قرار ڏيندي هر طرح سان هيسائڻ ۽ ڪچلڻ جي ڪوشش شروع ڪئي وئي. پاڪستان ۾ مسلم قوم، پاڪستاني قوم ۽ مضبوط مرڪز واري تصور سڀ کان وڌيڪ فائدو پنجاب کي، ۽ سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ کي ڏنو آهي. هن ملڪ جي قيام جي پهرين ڏينهن کان ئي وفاق ۽ مضبوط مرڪز جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن، نوڪرين، ڪارخانن، واپار، سمنڊ، درياءَ ۽ ٻين وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي. مضبوط مرڪز وارو فارمولو 1940ع جي قرارداد تي پهريون حملو هو. جڏهن ته ٻيو حملو ون يونٽ دوران ڪيو ويو. قرارداد لاهور پيش ڪندڙ مولوي فضل الحق کي هڪ سال بعد آل انڊيا مسلم ليگ مان خارج ڪيو ويو. اهڙي طرح ملڪ ۾ رضاڪارانا طور شامل ٿيندڙ قومن سان ڏاڍ، جبر، ناانصافين ۽ زيادتين جو هڪڙو سلسلو شروع ڪيو ويو، جيڪو بغير ڪنهن وقفي جي اڃان تائين جاري آهي. بهرحال هتان جي حاڪمن کي اهو سچ هر حال ۾ قبول ڪرڻو پوندو ته پاڪستان هڪ گھڻ قومي ملڪ آهي، جنهن ۾ سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ برابري جي بنياد تي گڏ رهڻ چاهن ٿا. جيڪي هزارين ورهين کان پنهنجون الڳ الڳ تاريخي ۽ قومي سڃاڻپون رکن ٿا.

تاريخ جي اُن سچ کي پُٺِي ڏيڻ، قومن جي وجود ۽ قومي تشخص کان انڪار ڪنهن به طرح سان هن ملڪ جي مفادن وٽان ڪونهي. پر، بدقسمتيءَ سان ملڪ جي مقتدر ڌرين ۽ حڪمرانن جي اها روايت رهي آهي ته هو تاريخ جي تلخ تجربن، سانحن ۽ المين مان سبق حاصل ڪري پنهنجين غلطين کي درست ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ شامل قومن جي تاريخ، تهذيب، ثقافت ۽ ٻولين جي تاريخي سچاين کي سمجھڻ، قبول ڪرڻ ۽ جائز حيثيت ڏيڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ تيار ناهن. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ، بک، بدحالي، بيروزگاري، مهانگائي، بدامني، دهشتگردي، ڪرپشن، سازشن، حادثن ۽  خودڪش حملن جو شڪار آهي. هتان جي حاڪم قوتن کي اهو لازمن سمجھڻو پوندو  ته ڪنهن به آئين ۽ قانون پاس ڪرڻ يا ڪنهن لڪير ڪڍڻ سان قومن جي تاريخي سڃاڻپ ۽ قومي تشخص ختم ناهي ڪري سگھبو. تنهن ڪري پاڪستان کي بچائڻ، خوشحال بنائڻ ۽ ترقي جي رستيءَ تي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته، هن گھڻ قومي رياست واري ملڪ ۾ حڪمرانيءَ لاءِ اها طرز حڪمراني اختيار ڪئي وڃي،

جنهن جي ضمانت پاڪستان جي اصل ٺاهيندڙ ٺهراءَ يعني قرارداد لاهور ۾ ڏني وئي آهي. ٻي صورت ۾ دڙڪي، دهمان، بندوق جي نوڪ ۽ طاقت جي زور تي هزارين ورهين جي تاريخ رکندڙ قومن ۽ وطنن کي گھڻو وقت دٻائي ۽ هيسائي پنهنجي غلاميءَ هيٺ نٿو رکي سگھجي. دنيا ۾ ڪيترائي هلاڪو خان، جنگيزخان، بن قاسم، احمد شاھ ابدالي ۽ سڪندر مقدوني جھڙا طاقتور حملي آور آيا ۽ ختم ٿي هميشه لاءِ مٽيءَ ۾ دفن ٿي ويا. سنڌ هزارين ورهين کان هن ڌرتيءَ جي گولي تي پنهنجي قدامت ۽ عظمت سان قائم آهي ۽ رهندي. سنڌ کي پنهنجي ثقافت، تاريخ، تهذيب، تمندن، جاگرافي، ٻولي، درياءُ، سمنڊ، بندرگاھ، ٻيلا، زرخيز زمينون، معدنيات، ٻيا لاتعداد وسيلا ۽ روزگار جا تمام گھڻا ذريعا موجود آهن. دنيا جي مڃيل ۽ طئي ڪيل اصولن مطابق يا 1940ع جي ٺهراءَ موجب آئيني، قانوني، مذهبي ۽ اخلاقي طور تي سمورن وسيلن ۽ ذريعن جا مالڪ سنڌي آهن. جيڪا ڳالھه سڀني کي مڃڻي پوندي.

ضرورت صرف ان ڳالھه جي آهي ته سنڌي ماڻهو صرف پاڻ ۾ ٻڌي، ايڪو ۽ اتحاد پيدا ڪن. ڇاڪاڻ ته بقول فرانزفينن؛ “جيڪڏهن ماڪوڙيون به متحد ٿين ته شينهن جي کَل لاهي سگھن ٿيون. دنيا ۾ ظالمن جي سگھاري هئڻ جو سبب صرف مظلومن جو ڇڙوڇڙ هئڻ آهي”. پاڻ ته ڪروڙين جيئرن جاڳندن، زنده ۽ متحرڪ انسانن تي مشتمل تاريخي قوم آهيون. پاڻ رڳو ٻين جا آسرا، سهارا، لالچون ۽ لوڀ ڇڏي پاڻ ۾ ٻڌي، اتحاد، همٿ ۽ طاقت سان اُٿي پئون ۽ پنهنجي وطن جي وارثيءَ لاءِ هڪڙي پليٽ فارم تي گڏجي جدوجهد ڪيون. ڇو ته ٻاهرين طاقتن ۽ ڌارين جي ايجنٽ بڻجي سندن آسري ۽ امداد تي ڪڏهن به ڪنهن قوم پنهنجا حق  حاصل ناهن ڪيا. ان لاءِ سنڌي ماڻهن کي به پنهنجن حقن جي حاصلات ۽ قومي وجود جي بقا واري جنگ پنهنجي طاقت تي وڙهڻي پوندي. بيروني طاقتن جي آسري تي يا ڪنهن پراڪسي وار جو حصو بڻجي حقن جي حاصلات   جا خواب ڏسنداسين ته اهي خواب ڪنهن ديواني جا خواب ۽ خوشفهمي کان علاوه ٻيو ڪجهھ به نه هوندا.