پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئه ٿي ويو

0
209
آءِ ايم ايف جو پاڪستان

اسلام آباد: پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئه ٿي ويو، معاهدي تحت مالياتي اداري پاڪستان کي هڪ ارب 50 لک 90 هزار ڊالرز قرض ڏيڻ جي سفارش ڪري ڇڏي،

آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي قرض جي رقم جاري ڪرڻ جو فيصلو ايگزيڪيوٽو بورڊ ڪندو، اها قسط جاري ٿيڻ بعد پاڪستان کي مليل قرض جو مجموعي ڪاٿو 3 ارب 20 لک 70 هزار ڊالر ٿي ويندو،

قرض پروگرام جي بحالي پهرين ڏنل شرطن تي عملدرآمد سان مشروط هوندي، حڪومتي ادارن کي ڪرپشن ختم ڪرڻي پوندي، گورننس ۾ بهتري ۽ شفافيت جي ضرورت آهي، ٽئڪس بيس وڌائڻ ۽ ٽئڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي به سفارش ڪئي وئي.