اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي آخري مهلت ڏئي ڇڏي

0
397
اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي آخري مهلت ڏئي ڇڏي!!
اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي آخري مهلت ڏئي ڇڏي!!

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊون ڪرائڻ واري معاملي ۾ سنڌ حڪومت کي آخري مهلت ڏئي ڇڏي،ڪميشن چيو آهي ته سنڌ سرڪار 30 نومبر تائين سمورو ڪم مڪمل ڪري دستاويز جمع ڪرائي، ٻي صورت ۾ سنڌ اندر تڪبنديون شروع ڪيون وينديون، سنڌ حڪومت کي ٻن هفتن ۾ قانونسازي ۽ تڪ بندين سوڌو ٻيا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو،

صوبائي اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊن لاءِ جاري ڪارروائين بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته دستاويز ۽ ڊيٽا نه ملڻ جي صورت ۾ ڪميشن پاڻ تڪبندين جو عمل شروع ڪندي،

سنڌ سرڪار بلدياتي چونڊن جي مامري ۾ مهلت وٺندي رهي، سنڌ حڪومت جي رويي مان لڳي ٿو ته اُها بلدياتي چونڊون ڪرائڻ ۾ سنجيده ناهي، مُدو پورو ٿيڻ بعد 120 ڏينهن ۾ بلدياتي چونڊون نه ٿيڻ آئين جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويندو