پاڪستان کي معاشي طور مستحڪم بڻائڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا پيا وڃن: وزيراعظم شهباز شريف

0
175
ننڍن صوبن ۾ اقتصادي زونز جو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف اقتصادي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته سڌارن لاءِ هنگامي بنيادن تي جامع ايڪشن پلان تيار ڪيو وڃي

شريف جي صدارت هيٺ ملڪي معيشت جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزيب، زبير عمر، عائشه غوث پاشا، طارق محمود پاشا، بلال ڪياني ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي

ناڻي واري وزارت طرفان وزيراعظم کي ملڪي معيشت جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته شهباز شريف معاشي اشارن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو

شهباز شريف اقتصادي ٽيم کي هدايت ڪئي ته هو هنگامي بنيادن تي سڌارن جي جامع حڪمت عملي جوڙي ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن

شهباز شريف چيو ته پاڪستان کي معاشي طور مستحڪم بڻائڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا پيا وڃن پر عام ماڻهو جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن

ھي به پڙھندا

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس سميت 5 وزيرن کي برطرف ڪري ڇڏيو