دور بدليا پر ڪاڇي جي قسمت تبديل نه ٿي

0
124
قهر جي گرمي ۾ ٿڌاڻ ڏيندڙ گورک نٽهڻ ۾

ڪاڇو تبديل ٿي نه سگهيو. اسين ڪاڇي واسي پنهنجي بزرگن کان سينه به سينه اهي ڳالهيون ٻڌندا پيا اچون ته ڪاڇو ۽ ڪاڇي واسي هميشه جيان ڏکن تڪليفن ۽ مصيبتن کي سڀ کان وڌيڪ ڀوڳيو آهي ۽ وري ڀوڳيندا رهندا. اچو ته ڪاڇي جي اوائلي زندگي تي نظر وجهون ته ڪاڇي واسي انهن ڏينهن ۾ ڪهڙو ڪم ڪار ڪندا هئا. ڪاڇو سونهاري سنڌ جو اهم ۽ زرعي لحاظ کان اهم مورچو رهيو آهي جتي ماڻهو ويچارا ٿورڙي به مشقت برداشت ڪري سک ۽ سهنج واري زندگي گهاريندا هئا، ٿوري مشقت مان مراد اها آهي ته ڪاڇي واسي ڏاس يعني ( جانورن جي جسم تان وار ڪتري) مال چاريندي گهر اوطاق ٻني تي ويٺي دوست يار مٽ مائٽ مهمان مسافرن سان ڪچهري ڪندي به ڏاس کي وٽي رسو ( نوڙي) ٺاهي وڪرو ڪري پنهنجو گذر سفر ڪري سگهندا هئا. ڇو ته ان وقت ۾ اهي آمدني جو بهترين ذريعو هئا ۽ عورتون گهرن ۾ واڻ نوڙي وٽينديون هيون ۽ رلي سوڙ سبنديون هيون(يعني ٽوپي ڏيڻ جو رواج عام هوندو هو) انهي ڪرت مان انهن جو گذر سفر سڪون سان ٿي ويندو هو ڇو جو جيتري آمدني هوندي هئي انهي حساب سان خرچ ٿيندو هو.

ڪاڇي ۾ خرچ نه هجڻ جي برابر هوندو هو ڇو ته گهڻو ڪري اتي مالوند ماڻهو رهندا هئا هر ڪنهن گهر ۾ ٽي جانور هوندا هئا انهن جانورن ۾ ڪنهن وٽ ٻڪريون ڳئون ڏاچيون رڍون هونديون هيون ( انهن ڏينهن ۾ مينهن جو وجود ئي ڪو نه هو اهڙن علائقن ۾) انهن جي کير مان صبح سوير کير کي ولوڙي لسي مکڻ تيار ڪري مرد ۽ عورتون کائي پنهنجي ڪرت ڏانهن نڪري ويندا هئا وري ٻنپهرن جو اچي جيڪي ڪجهه گهر ۾ موجود هوندو هئن جنهن ۾ گوار ميهو سرنهن جو ساڳ للر مرڙيئي جو ساڳ يا رکي سکي ماني کائي ڇڏيندا هيا ۽ رات جو وري لاڙي چانورن جو ڀت جنهن ۾ فقط نه هجڻ جي برابر گيههاستعمال ڪيو ويندو هو( گيهه مان مراد ديسي گيهه) انهن ڏينهن ۾ ڊالڊا گيهه کائڻ واري کي بدقست سمجهيو ويندو هو سون مان هڪڙو گهراڻو اهڙو هوندو جو اهو گيهه استعمال ڪندو هو. لباس جي معاملي ۾ به بلڪل سادو لباس پهريندا هئا بافتي جو ڪپڙو وٺي ان کي رنگ ڪرائي گوڏ جي طور استعمال ڪندا هئا ( انهن ڏينهن ۾ رنگ ڏيڻ وارو ڪم اڪثر ڪري کٽي ڪندا هئا) پيرن ۾ اڪثر جتي يا سليپر بوٽ پائيندا هيا انهن جتين ۽ ٻوٽن کي سرنهن جو تيل خوب کڻائيندا هئا جيئن هو خشڪ ٿي ڦاٽي يا ٽٽي نه پون پوءِ جڏهن انهن ٻوٽن ۽ جتين کي پائيندا هئا ته انهن مان هڪڙو چين چين جو آواز نڪرندو هو جيڪو هڪ خوبصورت آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو. اندر ٻاهر وڃڻ جي لاءِ پيرين پنڌ يا جانورن ( جنهن ۾ اٺ گهوڙا گڏھه ڏاند) استعمال ڪندا هئا. ڪٿي هيون موٽر گاڏيون ۽ پهرڻ جي لاءِ هڪ مخصوص لباس هوندو هين، جنهن کي وٽي سٽي رکندا هئا ( انهن ڏينهن ۾ گهنج وارا ڪپڙا پائڻ جو رواج هوندو هو) ۽ هاڻي ته وري ماڻهو ڪپڙا پريس ڪري ( استري) پائين ٿا.

تعليم جي حوالي سان ايڏو شعور نه هو ۽ نه وري هاڻي ڪو ايڏو وڏو شعور نظر اچي ٿو صرف پنج درجا سنڌي (پرائمري) جا پڙهي هنن وڏو ڪمال ڪيو ۽ انهن ڏينهن ۾ سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ جي طلب ڇا پر هنن کي ان معاملي جي خبر ئي ڪا نه هوندي هئي. بس پنهنجي دنيا ۾ مگن هوندا هئا سڄو ڏينهن محنت ڪندا هئا نتيجي ۾ بيمار به گهٽ ٿيندا هئا جيڪڏهن ڪو بيمار به ٿي پوندو هو ته ان کي پنهنجي علائقي جا ٽئوڻا ڦيڻا ڪندا هئا ( ٽئوڻن ڦيڻن مان مراد ڪنهن کي بخار ٿي پوي ته ٻڪري کي ذبح ڪري ان جي کل ان کي ويڙهي ڇڏيندا هئا بخار لهي ويندو هو) جيڪڏهن انهن ٽئوڻن ڦيڻن فرق نه ڪيو ته پوءِ اتان جي حڪيم ( طبيب) کان پُسا وٺي پيئندا هئا ۽ صحت ياب ٿي ويندا هئا ۽ اڄ جي جديد دور ۾ به تقريبن ڪاڇي جون حالتون ساڳيون آهن ۽ کڻي انهن ۾ ٿوري تبدلي آئي آهي سا به رستن جي ( اڳ ۾ ڪچي رستي جي واٽ هوندي هئي) صرف واٽون مٽيون آهن تعليم جو حال بلڪل ساڳيو آهي وڏا وڏا اسڪول ٺهيل نظر ايندا پر تعليم بلڪل نه وڏيون وڏيون اسپتالون نظر اينديون پر دوائون ۽ ڊاڪٽر بلڪل نه، ڇو ته جيئن جيئن انسان مادي سهولتون ڏسندو ويو تيئن تيئن گهرجون ۽ ضرورتون وڌنديون ويون ۽ انهي سان گڏوگڏ مهانگائي به ڪر کڻي بيهي رهي.

علم نه هجڻ ڪري ڪڌيون رسمون سينو تاڻي نروار ٿي پيون، مطلب ته تاريڪي ۾ ذري جي ڪمي نه آئي. جتي اڄ جو انسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ وڃي ڪمال کي رسيو آهي جنهن جي ڏسڻ ۽ پڙهڻ سان ڏندين آڱريون اچيو وڃن ۽ هتان جو سادڙو ڪاڇي واسي ساڳي ڏانگ سان گھمندي ڏٺو ٿو وڃي ڇو ته هتان جي واڳ ڌڻين هتان جي ماڻهن کي پنهنجو مال سمجهي پئي هلايو. جيڪڏهن اهي شعور ۽ فهم جو ٻج ڇٽين ها ته هتان جا ماڻهو به شعور ۽ فهم وارا پيدا ٿين ها پر ٻنهي ۾ شعور جي ڪمي ثابت قدم آهي نه هو چاهي ٿو ته انهن ۾ شعور اچي ۽ نه وري هي شعور جي حاصلات لاءِ ڪا وک کڻن ٿا، ٻئي هڪ ٻئي جي لاءِ اهم آهن ته پوءِ بهتر تبديلي نه آئي آ نه وري ايندي نظر اچي ٿي.