پاڪستان فٽبال فيڊريشن تي پابندي برقرار: فيفا ڪانگريس توثيق ڪري ڇڏي

0
350

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا جي ڪانگريس پاڪستان جي معطلي جي توثيق ڪري ڇڏي. فيفا جي 71هين ڪانگرنس اجلاس ۾ پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي معطلي کي برقرار رکڻ لاءِ ووٽنگ ڪرائي وئي. راءِ شماري ۾ 209 ميمبرن حصو ورتو، جنهن مان 5 ووٽ رد ٿيا،جڏهن ته 204 مان 203 ووٽس پاڪستان جي معطلي برقرار رکڻ جي حق ۾ هئا. ٻئي پاسي ناملائزيشن ڪميٽي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اين سي جي ڪوشش جي ڪري پاڪستان وڌيڪ سخت ڪاررواين کان محفوظ رهيو. ترجمان جو چوڻ آهي ته نارملائزيشن فيفا ڪائونسل اُن وقت پابندي هٽائي سگهي ٿي جڏهن فيڊريشن جا سمورا معاملا هارون ملڪ حوالي ٿي ويندا.