پاڪستاني نوجوان هڪ مِيم مان راتو رات لک پتي بڻجي ويو!

0
828

ڪراچي (م.ڊ) چوندا آهن ته جيڪڏهن قسمت ڪنهن تي مهربان هجي ته اها کيس راتو رات لک پتي بڻائي ڇڏي ٿي، اهڙو ئي ڪجهه گوجرانوالا جي نوجوان سان ٿيو. پاڪستان جي پهرين وائرل ميم جي 82 لک رپين ۾ وڪري کانپوءِ گوجرانوالا جو محمد آصف لک پتي بڻجي ويو آهي. گوجرانوالا جي رهواسي ۽ سرڪاري ملازم محمد آصف پاران 2015ع ۾ وائرل ٿيل ميم چيني شهري فارموسا 82 لک رپين ۾ خريد ڪئي. آصف چيو ته کيس خبر نه هئي ته قسمت مٿس ايتري مهربان هوندي ۽ منهنجي پوسٽ ايتري وائرل ٿيندي. محمد آصف چيو ته هن اها پوسٽ فيس بُڪ تي 2015 ۾ پنهنجي دوست مدثر کي ڏيکارڻ لاءِ پوسٽ ڪئي هئي ، ميم ۾ مدثر جي تصوير تي ڪراس هڻي ۽ سلمان سان هٿ ملائڻ واري تصوير شيئر ڪئي هئي. ميم ۾ محمد آصف فوٽو تي لکيو هو ته مدثر سان دوستي ختم ٿي وئي آهي ۽ هاڻي سلمان منهنجو بهترين دوست آهي. محمد آصف چيو ته هو ميم جي وڪري مان حاصل ڪيل رقم سان پنهنجون خواهشون پوريون ڪندو ، هڪ گهر ۽ ڪار خريد ڪندو ۽ ڪجهه رقم ٻنهي دوستن ۾ ورهائيندو.