ڪراچي ۾ سائنو فارم، سائنو ويڪ ۽ ايسٽرا زينيڪا ناياب

0
245
ڪراچي ۾ سائنو فارم،

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڪراچي ۾ ڪورونا ويڪسين سائنو فارم، سائنو ويڪ ۽ ايسٽرا زينيڪا ناياب ٿي ويون، صحت کاتي موجب ايڪسپو سينٽر، اوجھا اسپتال، سنڌ گورنمينٽ چلڊرين اسپتال ۾ ويڪسين موجود نھ آھن، جڏھن تھ نيو ڪراچي، لياقت آباد، خالق دينا ۽ لياري سوڌو ڪيترن ئي سينٽرز تي بھ ويڪسين جي فراھمي معطل آھي، عملدارن جو چوڻ آھي تھ عوام کي سائنو فارم، سائنو ويڪ ۽ ايسٽرا زينيڪا جو پھريون ڊوز نھ پيو لڳي سگھي، جڏھن تھ ٻئي ڊوز جي لاءِ ويڪسين جا ڪجھ ڊوز موجود آھن، عوام کي موڊرنا ويڪسين لڳائي پئي وڃي، ٻئي پاسي ايڪسپو سينٽر، نيو ڪراچي ۽ ڪورنگي نمبر 5 ۾ ويڪسين لڳائيندڙن جي رش گھٽ ٿي وئي آھي، عملدارن جو چوڻ آھي تھ ويڪسين اچڻ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ھفتو لڳي سگھي ٿو.