والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ کي 2 سال مڪمل، وادي ۾ هڙتال

0
367

ڪراچي(م ڊ) والاريل ڪشمير جي رياستي حيثيت تي ڀارت جي ڌاڙي کي ٻه سال گذري ويا، ٻه سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي مودي سرڪار والاريل وادي جي خصوصي حيثت ختم ڪندي رياست جو درجو کسي ورتو هو ۽ عليحده جو جهنڊو به لاهي ڇڏيو هو، هندو انتها پسند مودي سرڪار والاريل ڪشمير کي ڀارتي يونين جو علائقو قرار ڏنو هو جنهن جي خلاف اڄ ڪنٽرول لائن جي ٻنهي طرفان يوم استحصال ڪشمير ملهايو پيو وڃي، والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ واري عمل خلاف ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ۽ ٻين تنظمين جي طرفان اڄ وادي ۾ مڪمل هڙتال آهي ۽ اڄوڪي ڏينهن کي ڪارو ڏينهن جي طور ملهايو پيو وڃي، سرينگر جي لال چوڪ تائين مارچ به ڪيو ويندو، ڪشمير ميڊيا سروس جو چوڻ آهي ته سرينگر ۾ لاڪ چوڪ تائين مارچ روڪڻ لاءِ ڀارتي فوج مقرر ڪئي وئي آهي ۽ سرينگر جي اچ وڃ وارن رستن تي رڪاوٽون وجهي بند ڪيو ويو آهي، والاريل ڪشمير جي حريت پسند اڳواڻ سيد علي گيلاني جو چوڻ آهي ته واپارن کي هڙتال ڪرڻ تي ڀارتي پوليس سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن، وادي ۾ 5 آگسٽ کان 15 آگسٽ تائين مزاحمت جو ڏهاڪو ملهايو ويندو، 11 آگسٽ کي سيخ عبدالعزيز ۽ ٻين شهيدن جو يوم شهادت تي خراج تحسين ڪنداسين، حريت ڪانفرنس طرفان هي به چيو ويو آهي ته پاڪستان جي يوم آزاد جي موقعي تي 14 آگسٽ تي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعائن جي تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو جڏهن ته 15 آگسٽ تي ڀارتي يوم آزادي تي ڪارو ڏينهن طور ملهايو ويندو، واضح رهي ته 5 آگسٽ 2019 تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت جو قانون آرٽيڪل 370 ۽ رياستي درجو ختم ڪري ڇڏيو هو، ڀارت جي هن فيصلي جي والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزرن فاروق عبدالله، عمر عبدالله ۽ محبوبه مفتي سوڌو ٻين ڪٺ پتلي اڳواڻن به مخالفت ڪئي هئي، والاريل ڪشمير جي خصوصي ختم ڪرڻ کي 2 سال مڪمل ٿيڻ تي وادي ۾ هڙتال، جڏهن پاڪستان سوڌو سڄي دنيا ۾مظاهرا ڪيا ويا آهن..