پارلياماني تاريخ جو تڪراري ۽ اڻوڻندڙ ڏينهن

0
224
پارلياماني تاريخ جو تڪراري ۽ اڻوڻندڙ ڏينهن

  13 جنوري 2022 ع خميس جي ڏينهن کي ملڪي پارلياماني تاريخ ۾  چڱن لفظ ۾ نه  پر پارلياماني تاريخ جو تڪراري ۽ اڻوڻندڙ منظرن وارو ڏينهن تصور ڪيو ويندو. ڪل 342 ميمبرن جي ايوان قومي اسيمبلي ۾ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ جي پنهنجي پارٽي جي ميمبرن جو ڪل تعد 156 آھي جڏهن ته وفاق ۾ سادي اڪٽريت سان حڪومت قائم ڪرڻ يا حڪومت کي جاري رکڻ لاءِ 172 ميمبرن جو تعداد هجڻ لازمي آھي. اهو ئي سبب آھي ته پي ٽي آءِ ايم ڪيو ايم جي 7 ، مسلم ليگ ق ۽ بلوچستان عوامي پارٽي (باپ) جي پنج پنج ميمبرن، ٻن آزاد ۽ جي ڊي اي جي ٽن ،هڪ عوامي مسلم ليگ ۽ ھڪ جمهوري وطن پارٽي جي ميمبرسوڌو ڪل 24 اتحادين جا ميمبر حڪومتي اتحاد ۾ شامل ڪري سادي اڪثريت سان حڪومت قائم ڪئي آھي، مطلب ته حڪومتي اتحاد ۾ ڪل ميمبرن جو تعداد 180 آھي. 13 جنوري واري ڏينهن جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ سرڪار مني بجيٽ سوڌو 16 بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آھي پر وفاق ۾ سادي اڪثريت واري حڪومت جاري رکڻ لاءِ گهربل 172 ميمبرن جي حمايت يا انهن جي ساٿ کي ايوان اندر هر ممڪن ڪوشش باوجود ظاهر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آھي.

گذريل خميس ڏينهن تي قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ ٻه ڀيرا ميمبرن کي سيٽن تي بيهاري ووٽن جي ڳڻپ ڪرائي وئي ته پهرين ڳڻپ ۾ حڪومتي اتحاد جي ڪل ووٽن جو تعداد 168 ۽ ٻئي ڳڻپ وقت اهو تعداد 163 نڪتو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته حڪومت سادي اڪثريت  قائم رکڻ لاءِ گهربل ميمبرن جيترو تعداد به  گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. توڙي جو ميمبرن جي حاضري کي يقيني بنائڻ لاءِ پنجاب ۽ ڪي پي جي وڏن وزيرن کي هڪ ڏينهن اڳ ئي اسلام آباد ۾ آڻي ان ڪري ميمبرن سان ويهاريو ويو جيئن اهي ميمبرن جون شڪايتون ٻڌي حل ڪري سگهن، نه رڳو ايترو پر وزير اعظم عمران خان قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ وزير اعظم ۽ دفاع جي وزير پرويز خٽڪ جا اختلاف به کلي طور سامهون اچي ان نوعيت تي پهتا جو دفاع جو وزير اجلاس مان ناراض ٿي اٿي هليو ويو.

اجلاس ۾ موجود ميمبر ٻڌائن ٿا ته دفاع جي وزير پريز خٽڪ پنهنجي حڪومت مٿان تنقيد ڪئي جيڪا وزير اعظم کي نه وڻي نتيجي ۾ وزير اعظم اهڙو ڪاوڙجي پيو جو ان پرويز خٽڪ سان مخاطب ٿيندي چيو ته  بليڪ ملينگ ۾ نه ايندس، مخالف ڌر کي چئون ٿا وڃي حڪومت ٺاهين. وزير اعظم ڪاوڙ مان پارلياماني پارٽي جي اجلاس مان اٿي وڃڻ لڳو ته کيس ميمبرن روڪي ورتو. حڪومت ۾ اهو مامرو اختلافن جي صورتحال ۽ عمران خان جي ڍري ٿيل پڪڙ جي نشاندهي ڪري رهيو هو ۽ اهو ٻڌائي رهيو هو ته ڪيئن عمران خان لاءِ نت نيون پريشانيون ۽ چئلينج کنڀين وانگر ڦٽي نڪري رهيا آھن.

 جيتوڻيڪ 13 جنوري تي حڪومت اڪثريت راءِ سان مني بجيٽ سوڌو هڪ ئي ڏينهن ۾ 16 ترميمي بل منظور ڪرائي ورتا آھن پر انهن بلن جي منظوري لاءِ پهريان اسپيڪر ۽ پوءِ ڊپٽي اسپيڪر جيڪو انداز اختيار ڪيو اهو حيران ڪندڙ  آھي. مني بجيٽ جي پنجن ڌار ڌار ڪلازن ۾ مخالف ڌر جون ٽيهن کان وڌيڪ ترميمون هيون پهرين ترميم تي وائيس ووٽنگ کي مخالف ڌر پاران چئلينج ڪرڻ بعد اسپيڪر ووٽنگ ڪرائي ۽ اڪثريت راءِ سان مخالف ڌر جي ترميم رد ٿي وئي، ڇو ته مخالف ڌر جي ترميم جي حق ۾ 150 ووٽ پيا ۽ مخالفت ۾ حڪومتي ڌر مان 168 ووٽ پيا. اوهان کي ٻڌايان ته قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جا ڪل 162 ميمبر آھن جن مان 12 ميمبر غير حاضر هئا خير جڏهن مني بل جي ٻئي ڪلاز ۾ مخالف ڌر جي ترميم پيش ٿي ته وائيس ووٽنگ کي مخالف ڌر چئلينج ڪيو ته اسپيڪر اهو چئي حق ۽ مخالفت ۾ ووٽن جي ميمبرن کي سيٽن تي بيهاري ووٽنگ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته پهرين شق تي ووٽنگ وقت ايوان جو سينس سامهون اچي چڪو آھي.  مخالف ڌر اهو چوندي رهي ته پهرين جنهن شق تي ووٽنگ ٿي اها ڌار هئي، هي شق ڌار آھي.

جيڪڏهن رولز تحت  مخالف ڌر زباني ووٽنگ کي چئلينج ڪري ته ڳڻپ ڪرائڻ قانوني ذميواري آھي. ڏسجي ته جڏهن ٻي شق تي ووٽنگ ڪرائڻ جو مخالف ڌر مطالبو ڪيو ته ان وقت سرڪاري بينچن تان ڪيترائي ميمبر اٿي ويا هئا، اسپيڪر جيڪڏهن ڳڻپ ڪرائي ها ته ڪارروائي کي روڪي حڪومتي ميمبرن کي لابيز مان ايوان اندر آڻڻو پوي ها، ٻي صورت ۾ حڪومت کي شڪست به ٿي پئي سگهي. ايئن ترميمن تي وڏي اعتراض بعد اسپيڪر اسد قيصر اهو چئي هڪ ڀيرو ٻيهر ميمبرن کي بيهاري ووٽنگ ڪرائي ته هن ووٽنگ کان پوءِ ٻيهر ڪنهن شق ۾ ترميم تي وائيس ووٽنگ کي چئلينج ڪرڻ جي صورت ۾ ووٽنگ نه ڪرائيندس. سوال هي آهي ته مني بل ۾ مختلف شقن ۾ ترميمون هيون، ڇا ايئن نه ٿو ٿي سگهي ته ڪو ميمبر لگزري اسمن تي ٽيڪس جي حمايت ڪري ٿو پر جڏهن ٻي شق جيڪا عام واهپي جي شين سان تعلق رکندڙ هجي ۽ ان عام واهپي جي شيءَ تي ٽيڪس کي ختم ڪرڻ  لاءِ ترميم آندي وڃي ته اهو ئي ميمبر ان شق جي ڇا مخالفت نه ٿو ڪري سگهي؟ جيڪڏهن ايئن ٿي سگهي ٿو ته پوءِ هر شق تي زباني ووٽنگ چئلينج ٿئي ٿي ته ميمبرن کي بيهاري ووٽنگ نه ڪرائڻ کي بجيٽ کي بلڊوز ڪري منظور ڪرائڻ جو عمل نه چئجي ته ڇا چئجي؟ ان کانسواءِ مخالف ڌر جا ميمبر اهي دانهون ڪندا رهيا ته اسان کي مني بجيٽ تي سينيٽ جون سفارشون اڃان تائين ناهن مليون،

انهن سينيٽ جي سفارشن تي قومي اسيمبلي ۾ بحث به ٿيڻ گهرجي پر اسپيڪر اهو چيو ته ان تي بحث ٿي چڪو آهي. مخالف ڌر جا ميمبر اهو چوندا رهيا ته اسان کي سفارشون ئي ناهن مليون ته بحث ڪيئن ٿيو آهي؟ مخالف ڌر جي بار بار مطالبن باوجود سينيٽ سفارشن تي اسپيڪر بحث نه ڪرايو ۽ مني بجيٽ اعتراضن باوجود منظور ڪرائي، ان کان پوءِ اسپيڪر ڪرسي ڇڏي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي حوالي ڪري هليو ويو. ڊپٽي اسپيڪر ته پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ نوان ڪارناما ۽ اڻ ڌري ليکي ويندڙ اسپيڪر جي ڪرسي کي نون تڪرارن جي حوالي ڪري ڇڏيو. اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري واري بل تي بحث کان پوءِ مخالف ڌر جون ترميمون شامل هيون، شازيه مري جي ترميم هئي جنهن تي زباني ووٽنگ ٿي، جنهن کي مخالف ڌر چئلينج ڪيو جنهن کان پوءِ ڊپٽي اسپيڪر جي رولز تحت ذميواري هئي ته ميمبرن کي بيهاري ان بل تي ووٽنگ ڪرائي ها، پر ڊپٽي اسپيڪر ان کي نظر انداز ڪيو، جنهن کان پوءِ احسن اقبال، شازيه مري ۽ مخالف ڌر جا ٻيا ميمبر سيٽن تان اٿي ڊپٽي اسپيڪر جي روسٽرم تي وڃي ووٽنگ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندا رهيا، تڏهن به ان مخالف ڌر جي هڪ نه ٻڌي.

ان کان پوءِ سيد نفيسا شاهه جي به ترميم پيش ٿيڻي هئي، سيد  نفيسا شاهه ڊپٽي اسپيڪر کي چيو ته اوهان ان کان اڳ پيش ڪيل ترميم تي ووٽنگ ڪرايو ان کان پوءِ مان پنهنجي ترميم پيش ڪيان ٿي پر ڊپٽي اسپيڪر نفيسا شاهه جي ترميم جيڪا ان ايوان ۾ پيش ئي نه ڪئي ان کي رد قرار ڏئي اڳتي وڌيو ۽ ايئن مخالف ڌر جي ٻين ميمبرن سان گڏ ايم ڪيو ايم جي ڪشور زهرا جي به اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري واري بل ۾ ترميم هئي، جنهن کي به مخالف ڌر جي ميمبرن سان گڏ ترميم پيش ڪرڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ويو، انهن ترميمن  کي به ايوان ۾ پيش ٿيڻ کان سواءِ ئي رد قرار ڏئي اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري جو بل منظور ڪرايو ويو ۽ ان کان پوءِ هڪ هڪ منٽ ۾ باقي 14 بل بحث ڪرائڻ واري رولز کي معطل ڪري تڙ تڪڙ ۾ منظور ڪرايا ويا. اهو ئي سبب آهي ته مخالف ڌر ڊپٽي اسپيڪر جي روسٽرم جو گهيراءُ ڪري نه رڳو سخت نعربيازي ڪئي پر بلن جون ڪاپيون ڦاڙي اهي ڊپٽي اسپيڪر جي مٿان اڇلائيندا رهيا ۽ سيڪيورٽي کي  ڊپٽي اسپيڪر جي  مٿان پوندڙ ڪاغذ مسلسل هٽائڻا پيا. اهڙا نظارا ته ماضيءَ ۾ آمريت جي دور ۾ به گهٽ نظر اچن ٿا، جهڙا 13 جنوري تي قومي اسيمبلي ۾ ڏسڻ ۾ آيا.

 مزي جي ڳالهه اها آهي ته ايم ڪيو ايم، ق ليگ، جي ڊي اي مني بجيٽ تي سخت تنقيد ڪئي، پر ان باوجود انهن ووٽ ان جي حق ۾ ڏنو. حقيقت اها آهي ته مني بجيٽ منظور ٿيڻ جو سهرو پي ٽي آءِ کان وڌيڪ جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم، بلوچستان عوامي پارٽي مٿان پوي ٿو، ڇو ته اهي جيڪڏهن مني بجيٽ، اسٽيٽ بينڪ جي خومختياري واري بل ۾ ووٽ نه ڏين ها ته اهي بل منظور ٿيڻ ته پري جي ڳالهه  اهي پارٽيون حڪومت جي سپورٽ مان ٻاهر نڪرن ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ئي قائم نه ٿي رهي سگهي ان ڪري انهن پارٽين کي ٻٽو ڪردار يعني مخالف ڌر جو به ۽ حڪومت جو به ادا ڪرڻ بجاءِ ڪنهن هڪ طرف ٿيڻ گهرجي.

قرض آءِ ايم ايف کان ورتو وڃي يا ڪنهن ٻئي عالمي اداري کان وقت جي حڪومت کي ته اهو قرض حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي دور ۾ حڪومت هلائڻ لاءِ آساني ٿيندي آھي ايئن مخالف ڌر کي به حڪومت مٿان ڇوھه ڇنڊڻ جو موقعو ملندو آھي پر حقيقت ۾ انهن قرضن جي حاصلات سان ڀوڳڻو ملڪ جي عوام کي پوندو آھي. پاڪستان جي هر حڪومت مسلسل آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ سوڌو عالمي ادارن،پرڏيهي ملڪن کان  قرض وٺي وهنوار هلائينديون رهيون آھن، مطلب ته پاڪستان جي عوام هر دور ۾ ان عمل جو شڪار ۽ پيڙا مان گذرندي رهي آھي. حڪومت اهو ڪجھه ڪرڻ  ملڪ جي وسيع تر مفاد ۽ مجبوري قرار ڏيندي  آھي  پر مزي جي ڳالھه اها آھي ته ڪنهن به دور ۾ مخالف ڌر انهن عوام دشمن قدمن کي ناڪام بنائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي آھي ۽ هر دور جي حڪومت عوام مٿان ٽيڪسن مٿان ٽيڪسن جو بار وجهڻ ۾ ڪامياب ٿيندي رهي آھي، عوام کي رڳو انهن ٽيڪسن جي دفاع ۽ مخالفت ۾ تقريرون ئي نصيب ٿينديون آھن.

 هن ڀيري به پي ٽي آءِ حڪومت آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪري 350 ارب رپين جو عوام مٿان بار وجهڻ واري مني بجيٽ منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ مخالف ڌر رڳو ان جي مخالفت ۾ تقريرون ئي ڪندي رهي. مخالف ڌر مني بجيٽ ۽ اسٽيٽ بينڪ کي خود مختياري ڏيڻ واري بل جي منظوري قومي اسيمبلي مان روڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. مني بجيٽ ته قومي اسيمبلي جي  منظوري  کانپوءِ هاڻي صدر جي صحيح سان  عوام مٿان لاڳو ٿي ويندي پر اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري جي بل سميت  15 بل جيڪي 13 جنوري تي  قومي اسيمبلي منظور ڪيا اهي سينيٽ ۾ وڃڻا آهن، جتي مخالف ڌر  جي اڪثريت آهي، ڏسجي ته اڳ وانگر مخالف ڌر جي اڪثريت اقليت ۾ تبديل ڪري اهي بل حڪومت منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي يا نه.؟