مري واقعي مان سبق سکڻ جي ضروت ۽ سياح دوست پاليسين جي کوٽ

0
206
موٽروي ڪرپشن ڪيس ۽ ڪمپني سرڪار جون ترجيحات

  اها  قديمي چوڻي توهان به ٻڌي هوندي ته  ڪنهنجي طبيعت جي اصل پروڙ سفر ۾ پوندي آهي ۽ پاڪستان جي ماڻهن کي مري سانحي بعد رياست جي اعليٰ ڪرسين تي ويٺل ذميورا فردن توڙي مري جي منافعي خور واپارين جي خبر هاڻي پئجي وئي آهي ته اهي ڪيڏا نه بيرحم ۽ پٿردل ثابت ٿيا.مري واقعي وقت مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت برفاني طوفان ۾ ڦاٿل سياحن جي ڪجهه مدد ضرور ڪئي ڇو ته برفاني طوفان ايترو ته زوردار هو جو مقامي ماڻهو سکڻين هٿين ايتروئي ڪجهه ڪري پئي سگهيا ته ڪجهه سياحن کي گاڏين مان لاهي پنهنجي ڳوٺ جي مسجد يا گهرن جي خالي ڪمرن اندر وڃي رهائين. پر سياحن کي حيرت آهي ته رياست مدينه جي دعويدار وفاقي توڙي پنجاب حڪومت جا مري ۾ مقرر عهديدار ان قوت گهري ننڊ پيل هئا جنهن وقت برفاني طوفان ۾ ڦاتل سياح پنهنجي معصوم ٻچڙن سميت زندگيءَ جا آخري ساهه کڻي رهيا هئا ۽ ان برفاني طوفان ۾ کين پري پري تائين ڪنهن به امداد پهچڻ جو ڪو آسرو نه هو.

مري واقعي سبب سموري دنيا ۾ حيرت گاڏڙ افسوس ڇانيل آهي ته هي ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ وفاقي گادي واري شهر کان صرف اڌ مني ڪلاڪ جي فاصلي تي آيل هڪ رات واري برفاني طوفان کي منهن نٿو ڏئي سگهي؟ اها حيرت انهن ملڪن جي ماڻهن کي اڃان وڌيڪ ٿي آهي جيڪي لڳ ڀڳ سمورو سيارو برفباري يا برفاني طوفان کي منهن ڏيندا رهندا آهن. انهن وٽ زندگيءَ جو ڪاروهنوار به عام هلندو رهندو آهي.مثال طور ڪئنيڊا جي ڪنهن علائقي ۾ پيل سڄي رات جي برفباري بعد صبح جو  ماڻهو اٿي پنهنجي گهر اڳيان بيٺل پنهنجي گاڏي تان برف هٽائي روڊ تي چڙهندا ته کين روڊ صاف سٿرو ملندو ۽ سڌو وڃي آفيس يا ڪاروبار تائين پهچندا. پر هي ايٽمي ملڪ آهي جتي هڪ رات جي برفاني طوفان جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 22 سياح پنهنجون زندگيون وڃائي ويهن ٿا. يعني هتي سياحت ڪرڻ به ڪنهن جهاد کان گهٽ ناهي ۽ ان سياحت دوران ڪنهن به وقت سياحن مٿان برفاني طوفان جو خودڪش حملو ٿي سگهي ٿو جنهن ۾ هڪ يا ٻه نه پر ٻه ٽي درجن سياح شهيد ٿي سگهن ٿا. گهڻن ماڻهن کي مري واقعي ۾ سياحن جي موت کان وڌيڪ ڏک رياست مدينه جي دعويدار وزيراعظم جي ان بيان جو آهي جيڪو هڪ ملڪي سربراهه بدران ڪنهن ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر جو بيان لڳي رهيو آهي.

مثال طور جيڪڏهن ڪنهن ضلعي ۾ صفائي سٿرائي جي اڻهوند جي ڳالهه ڪبي آهي ته ان ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي وضاحتي بيان ۾ اهو ضرور چوندو آهي ته سائين صفائي جو مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا پر شهرين کي به ٿورور ڪامن سينس سکڻ جي ضرورت آهي ته هر جڳهه تي هر گهٽي ۾ گند ڪچرو نه اڇلين ته شهر مڪمل صاف ٿي سگهي ٿو. اهو ڊي سي ٽائيپ بيان اسان جي فلاحي خيال رکندڙ وزيراعظم ڏنو هو ته مري واقعي تي افسوس ضرور ٿيو آهي پر ڪجهه سياحن کي  به خيال رکڻ گهرجي ۽ موسم جون اپڊيٽس ڏسي پوءِ گهران نڪرڻ گهرجي ها. سندس ان بيان جاري ٿيڻ بعد مٿس وڏي ۾ وڏي تنقيد ٿي ته جڏهن سندس حڪومتي ادارن جا ذميوار اعليٰ عملدار موسميات کاتي پاران جاري ڪيل الرٽس تي توجهه نٿا ڏين ته عام ماڻهن مان ڪيئن توقع رکي وڃي ٿي ته اهي موسم جو حال احوال ڏسي پوءِ ٻاهر نڪرن. ڇا ملڪ کي توهان لنڊن بڻائي ڇڏيو آهي جو هر ماڻهون گهران نڪرڻ مهل موسم جي اپڊيٽ ڏسي ۽ ڇٽي کڻي ٻاهر نڪري. وزيراعظم جي ايترن مشيرن هوندي کيس ڪنهن به شايد اهو مشورو نه ڏنو آهي ته ڪنهن به انساني الميي تي اهڙو سنگدل قسم جو بيان جاري نه ڪبو آهي.

مثال طور جيڪڏهن ڪو بس حادثو ٿي پئي ته روڊن جي حالت کان ويندي موٽروي پوليس جي ڪارڪردگي چيڪ ڪرڻ بدران سڌو وڃي مسافرن تي بيهجي تي اهي به ايڏي وڏي تعداد ۾ بس ۾ ڇو چڙهيا ڪهڙي تڪڙ هئي ته اها خود متاثرين سان زيادتي برابر ڳالهه آهي. وزيراعظم جي ان بيان تي جڏهن شديد تنقيد ٿي ته هڪ روايتي قسم جي انڪوائري جو آرڊر ڪيو ويو جيڪا ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پنجاب جي سربراهي ۾ ڪم ڪري رهي آهي. پر عجيب حڪومتي نظام آهي ته مري ۾ برفاني طوفان سبب مري ويل سياحن جي جاچ رپورٽ اچڻ کان اڳ ئي وزيراعليٰ پنجاب مري کي ضلعي جو درجو ڏئي ڇڏيو ۽ مري ۾ ٿاڻن جي تعداد ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. جنهن مان تاثر اهو مليو ته مري ۾ گهٽ تعداد ۾ سرڪاري عملي سبب اهو حادثو پيش آيو. اهي قدم جيڪڏهن ان تاثر هيٺ کنيا ويا آهن ته پوءِ انڪوئري ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.؟ مري ۾ سياحن جي موت واري سانحي جو هڪ پاسو اهو به سامهون آيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت خطرناڪ ايڊونچر آهي جيڪو ڪنهن به وقت سانحي ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو پر ان واقعي ۾ قدرتي آفت سان گڏوگڏ مري جي واپارين جي مئل ضمير کي پڻ هڪ آفت قرار ڏيڻ گهرجي جن برفباري ۾ ڦاٿل سياحن کي سون جي جهرڪي سمجهي انهن جي مجبورين جو فائدو وٺندي انهن مان پئي پئسا روڙيا.

اهو ڪنهن به واپاريءَ کي نٿو جڳائي ته هو برفباري سبب پريشان حال سياح جي زال کان سونا زيور وٺي بعد ۾ کين صرف رهائش جو ڪمرو فراهم ڪري. مري ۾ جيڪي هوٽل آهن سي عام رواجي هوٽلن کان ويندي تمام مهانگا هوٽل به آهن پر سياحن پي سي ڀوربن طرف وڃڻ ڪو نه پئي چاهيو جتي پنجاهه هزار هڪ ڪمري جو ڪرايو ورتو وڃي. اهي جي پي او چوڪ، بئنڪ چوڪ وارا عام رواجي هوٽل هئا جن جي مالڪن جون لڳ ڀڳ هر سياح وٽ شڪايتون آهن ته انهن برفباني طوفان ۾ ڦاٿل مسافرن جي ڪا مدد ته نه ڪئي پر عام رواجي ڪراين کان ڏهوڻ ته نه پر سئوڻ ڀيرا وڌيڪ ڪرايا مهانگا ڪري ورتا. هڪ پاڻي جي بوتل هزار روپيا ۽ هڪ انڊو جڏهن پنج سئو روپين ۾ وڪرو ڪندا هجن ته اهي ڀلي ڪهڙا به حاجي يا نمازي هجن پر انهن مٿان سموري دنيا ڦٽڪار ڪندي ته ڪيترا نه بيڪار ۽ بيمار ذهن وارا مئل ضمير جا ماڻهو آهن جيڪي سياحن جي مجبورين جو ناجائز فائدو پيا وٺن. مري واقعي بابت انڪوائري ڪندڙ ٽيم کي مري سانحي جي ان پاسي کان پڻ جاچ ڪرڻ گهرجي ۽ آئينده جو طريقه ڪار پڻ طئه ڪرڻ گهرجي ته ڪهڙي هوٽل کي ڪيترو ڪرايو وٺڻو آهي.

مري سياحن جي واحد جنت آهي جتي هر پاڪستاني ماڻهو سال ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا يا ڪيئي ڀيرا ويندا ضرور آهن تنهنڪري هن واقعي مان سبق حاصل ڪرڻ بعد جتي مري کي انتظامي حوالي سان بهتر بڻايو پيو وڃي اتي ئي هوٽل مئنجمينٽ کي پڻ بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي. مري ۾ واقع سمورن هوٽلن جي رينڪنگ ڪئي وڃي ته ڪهڙا هوٽل ڪهڙي ڪيٽيگري ۾ آهن ۽ انهن جا ريٽ طئه ڪري ريٽ لسٽ مري جي عام چوڪن چوراهن تي نمايان انداز ۾ لڳائڻ سان گڏ سوشل ميڊيا جي سمورن چينلن تي جاري ڪئي وڃي.پنجاب ٽوئرزم کاتي پاران پڻ پنهنجي آفيشل پيجز تي اها ريٽ لسٽ جاري ڪئي وڃي ته جيئن عام سياحن کي معلوم ٿي سگهي ته اهي جيڪڏهن مري گهمڻ ويندا ته اتي موجود ڪهڙي هوٽل جا ڪرايا ڪيترا هوندا. ان قسم جي هوٽل مئنجمينٽ ڪرڻ سان ايندڙ وقت ۾ امڪاني برفاني طوفان ۾ سياح گهٽ ۾ گهٽ هوٽل وارن جي بي ضمير لٽ مار کان ته بچي سگهندا. پنجاب حڪومت کي گهرجي ته رستن تان برف هٽائڻ جون جديد مشينريون به گهرائي مري پهچائي ته جيئن ايندڙ وقت پوندڙ برفباري کي رستن تان ٽريڪٽر جي ڪيڻن سان هٽائڻ واري پراڻي ۽ سست طريقي کان بچي سگهن.