ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ نميبيا کي 52 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي

0
260
ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ نميبيا کي 52 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي
ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ نميبيا کي 52 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ 2 جي ميچ ۾ نيوزيلينڊ آسان حريف نميبيا  کي 52 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. نميبيا ٽاس کٽي نيوزيلينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، جنهن اسڪور بورڊز تي 4 ڪيٽن تي 163 رنز جو ٽارگيٽ سيٽ ڪيو. جواب ۾ نميبيا جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن تي 111 رنز ٺاهي سگهي.

پاڪستان جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ بعد ڪيوي ٽيم اهڙي ڪاميابي سان گروپ 2 ۾ ٻئي نمبر جي ٽيم ٿي چڪي آهي، جنهن کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ آخري گروپ ميچ ۾ افغانستان جو مقابلو ڪرڻو پوندو.

نيوزيلينڊ جي ٽيم ميچ ۾ ڪاميابي سان پنهنجو رن ريٽ بهتر ڪيو آهي جڏهن ته افغانستان پوئتي آهي. نيوزيلينڊ ۽ افغانستان جي ميچ سان ئي ڀارتي ٽيم جون اميدوارن جڙيل آهن، ڪيوي ٽيم جي فتح سان افغانستان ۽ ڀارت ٻاهر ٿي وينديون، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي هارائڻ سان ٽنهي ٽيمن ۾ رن ريٽ اهم حيثيت حاصل ڪري ويندو.

اهڙي صورتحال ۾ هن گروپ جي ٻي سيمي فائنلسٽ جو فيصلو سومر تي ڀارت ۽ نيميبيا جي ميچ تائين منتقل ٿي ويندو، جتي ڀارت کي ٽاپ فور تي پهچڻ لاءِ پنهنجو رن ريٽ بهتر ڪرڻو پوندو.