دنيا جو مهانگو زردو، في ڪلو 38 لک رپيا اگهه مقرر

0
605

ٽوڪيو(دلچسپ نيوز) دنيا جو سڀ کان مهانگو زردو، في ڪلو 38 لک رپيا اگهه مقرر ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جاپان جي ڳوٺ يوباري ۾ انوکو ۽ قيمتي زردو پوکيو وڃي ٿو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مختلف قسمن جي زردن کي ملائي اهو انوکو زردو پوکيو ويندو آهي، ان انوکي زردي کي خاص ماحول ۽ گرين هائوس ۾ پوکيو وڃي ٿو.فصل لهڻ بعد اهو زردو هٿوهٿ وڪرو ٿيو وڃي نيلامي به ٿئي ٿي.