ٽي 20 ورلڊ ڪپ سبب ڪرڪيٽ بخار جو زور: پاڪ ڀارت ميچ جون ٽڪيٽون وڪرو

0
238

دبئي(اسپورٽس نيوز) ٽي20 ورلڊ ڪپ ۾ اڃا 20 ڏينهن پيا آهن پر ڪرڪيٽ جو بخار هينئر کان ئي زورن تي آهي، ٽي20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ جون سموريون ٽڪيٽون ڪجهه ڪلاڪن اندر ئي وڪامي ويون. ٽيمن جي ميچ 24 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي.

ٽڪيٽون آن لائن وڪرو ڪيون ويون، ويب سائيٽ تي ونڊوز کلندي ئي هزارين شوقينن ٽڪيٽون خريدڻ شروع ڪيون. 1500 درهم واريون پريميئم ۽ 2600 درهم واريون پلاٽينم ٽڪيٽون ئي باقي بچيون هيون، پر اهي سومر جو سج اڀرڻ کان اڳ ئي وڪامي ويون. هاڻ ڪجهه ٽڪيٽون بليڪ تي وڪرو ڪيون وينديون.