”تارڪ مهتا ڪا الٽا چشما“ جو نٽو ڪاڪا ديهانت ڪري ويو

0
277

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ٽيليويزن جي مشهور ڪاميڊي ڊرامي ”تارڪ مهتا ڪا الٽا خشما“ ۾ نٽو ڪاڪا جو ڪردار ادا ڪندڙ ڀارتي اداڪار گهنشام نائڪ ديهانت ڪري ويو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اداڪار گهنشام نائيڪ جي آخري رسمون اڄ صبح ادا ڪيون ويون آهن جنهن ۾ ڊرامن سان لاڳاپيل ڪيترن ئي شخصيتن اداڪار دليپ جوشي (جيٺا لال)، بهويا گانڌي (ٽَپو)، سمي شاهه (گوگي) شرڪت ڪئي.

ڪاميڊي شو ۾ باگا جو ڪردار ادا ڪندڙ تنمي وڪاريا ڀارتي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته نٽو ڪاڪا گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان کائڻ پيئڻ جي قابل به نه رهيو هو، هو گذريل ٻن ٽن مهينن کان وڏي تڪليف ۾ مبتلا هو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب گهنشام نائيڪ عرف نٽو ڪاڪا ڪينسر جي سڃاڻپ ٿيڻ کانپوءِ سرجري به ڪرائي هئي.اداڪار گهنشام نائيڪ ڪيريئر دوران 100 گجراتي ۽ هندي فلمن ۾ ڪم ڪيو انکانسواءِ هن 350 هندي ٽيلي  ويزن سيريلز ۾ به ڪم ڪيو.