قمبر ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڄڻار مارجي ويا

0
236
سنڌ پنجاب بارڊر

لاڙڪاڻو(ن پ ا) قمبر ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ننڊ ستل ٻه ڄڻار مارجي ويا آهن.

قمبر_ لاڙڪاڻي روڊ تي شادي حال جي ٻاهر ننڊ ستل پورهيتن مٿان هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا.

مارجي ويلن جي سڃاڻپ پنجاب جي شهر رحيم يار خان واسي عمران ۽ عبدالله ڪمبوهه طور ٿي آهي جيڪي ٿريشر جا مڪينڪ هئا.

واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي مقتولن جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي مظھر نواز شيخ واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ سمير نور چنو کان رپورٽ  طلب ڪري ورتي.