ڪراچي (اسپورٽس نيوز)اسلام آباد يونائيٽيڊ جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ افتخار احمد چيو آهي ته ڪوچ ۽ ڪپتان جي هدايت ۽ ٽيم جي ضرورت موجب کيڏڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. پي ايس ايل ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪراچي ڪنگز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. اسلام آباد جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ افتخار احمد ميچ بعد ڳالهائيندي چيو ته پروفيشنل رانديگر جي حيثيت سان ڪنهن به نمبر تي کيڏڻو پئجي سگهجي ٿو، ان لاءِ تيار به رهندو آهيان.