ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ڀرسان آبادگار ٿاڻي جي حد ۾ گذريل ڏينهن ڳوٺ امام بخش سونارو جي رهواسي 16 ورهين جي نينگر سجاد علي پٽ محمد علي سونارو جو ڪمند جي فصل مان تشدد ٿيل لاش هٿ آيو هو ، نينگر جي پيءُ محمد علي سونارو پاران آبادگار ٿاڻي تي پنهنجي پٽ سجاد علي جي قتل واري واقعي جي نامعلوم ماڻهن خلاف ايف آءِ آر درج ڪرائي ڇڏي آهي ، ايس ايچ او آبادگار انسپيڪٽر غلام حسين سومرو موجب نينگر جي پيءُ جي فرياد تي پوليس قلم 302 جو ڪيس نامعلوم ماڻهن خلاف داخل ڪري ڇڏيو آهي ، هن چيو ته نينگر جي پيءُ جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي پوليس جاچ ڪري منهنجي پٽ جي اصل قاتلن کي گرفتار ڪري مون کي انصاف فراهم ڪن.