جيڪب آباد (رپورٽ: عبد الغني کوسو) جيڪب آباد ۾ نيب ٽيم تي تشدد وارو مامرو، گرفتار 7 جوابدارن جو رمانڊ ختم، پوليس تشدد ڪيس ۾ 3 نوان جوابدار گرفتار ڪري ورتا، 10 ئي جوابدار عدالت ۾ پيش، 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، صوبائي صلاحڪار جي ورتل حفاظتي ضمانت اڄ پوري ٿي ويندي. خبر موجب نيب ٽيم تي تشدد واري ڪيس ۾ گرفتار صوبائي صلاحڪار جي سئوٽ ولي جکراڻي، جاويد بروهي، سجاد مستوئي، ديدار جکراڻي، عابد ڀٽي سميت 7 گرفتار جوابدارن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت آندو ويو، جڏهن ته سول لائن پوليس نيب ٽيم تي تشدد ڪيس ۾ وڌيڪ 3 جوابدارن رفيق جکراڻي، اصغر جکراڻي ۽ منظور جکراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس پاران گرفتار ٿيل 10 ئي جوابدارن کي سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪري چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ لاءِ استدعا ڪئي، عدالت 10 ئي جوابدارن کي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ھوڏانھن لاهور هاءِ ڪورٽ جي بھاولپور سرڪٽ بينچ مان صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي ٻن ڏينهن لاءِ ورتل حفاظتي ضمانت اڄ پوري ٿي ويندي، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته صوبائي صلاحڪار سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ پيش ٿيندو.