شاهپورچاڪر (ن پ ا) شاهپورچاڪر ڀرسان جمڙائو ڪئنال ۾ ٻڏي فوت ٿيل نوجوان جان محمد خاصخيلي جو لاش 26 ڪلاڪن بعد هٿ، ٻن ڏينهن ۾ ڪوبه سرڪاري ڪامورو يا چونڊيل نمائندو وارثن کي آٿت ڏيڻ لاءِ نه پهتو پر لاش کڻائڻ لاءِ ايمبولينس به نه ڏني وئي ۽ وارث لاش چنگچي ڦٽي تي کڻائي ويا جنهن سان هڪ طرف متاثر خاندان جيڪو اڳ ئي ڏکايل هو ويتر ايمبولنس نه ڏئي ان جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو ويو. معاملي جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ضلعي انتظاميا توڙي صحت کاتي تي عوام طرفان ڇتي تنقيد ڪئي وئي.