ٽنڊو غلام علي (ن پ ا ) ڦليلي ڪئنال مان نڪرندڙ پير واھ جي چاڪر ٽيل ۾ پاڻيءَ جي شديد اڻاٺ پيدا ٿي وئي، ڇهن مهينن کان پاڻي جاري پاڻي بحران سبب فصل تيزيءَ سان سڪڻ سڙڻ لڳا. مقامي آبادگارن عبدالصمد مغل، ظھير خاصخيلي، اسلم خاصخيلي، غمشاد لنڊ، غلام فريد لنڊ، فيض محمد شاھ، در محمد خاصخيلي ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اٽڪل ڇھن مھينن کان پير واھ جو پاڻي چاڪر ٽيل تائين نه پھچڻ سبب هزارين ماڻهو ۽ چوپال مال اڃ مري رهيو آهي. ٽيل جي ٽنھي شاخن ڪانھيري، ٺري شاخ ۽ پير واھ ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري ڪمند، ٽماٽن، ڀينڊين ۽ ڦٽين جا فصل سڙي سڪي تباهه ٿي ويا آهن. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آھي. فوتگي ٿيڻ جي صورت ۾ ميت کي غسل ڏيڻ لاءِ پريشان هوندا آهيون.هنن آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ۽ لاڳاپيل عملدارن کان مطالبو ڪيو ته پير واھ جي چاڪر ٽيل کان ھيٺ پهچائي معاشي تباهي کان بچايو وڃي.