ڊکڻ: ارڙي وبا تي ضابطو آڻڻ لاءِ صحت کاتي پاران ڪئمپ قائم

0
221

ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ لڳ نبي شاھ وڳڻ واري علائقي جي ڳوٺ گامڻ بروهي ۾ ارڙي جي وبا ۾ گذريل ڏينهن معصوم نينگر ڪامران بروهي جي فوت ٿيڻ بعد صحت کاتي نوٽيس ورتو آهي، صحت کاتي جي ٽيم اي ڊي او هيلٿ شڪارپور ڊاڪٽر اطهر شاھ، تعلقا آفيسر ڳڙهي ياسين سجاد پنهور، تعلقا سپروائيزر سڪندر علي جي اڳواڻي ۾ رينجرز ساڻ ڪري متاثر ڳوٺ ۾ پهچي وئي آهي، جتي وڌيڪ متاثر ٿيل ٻن بارڙين مناف ۽ گلمينا سميت ڳوٺ جي ٻارڙن جو معائنو ڪيو آهي، جتي پرائمري اسڪول ۾ ڪئمپ پڻ قائم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڳوٺ جي ٻارڙن کي ويڪسين ڪرڻ وارو عمل به شروع ڪيو ويو آهي، صحت کاتي جي ٽيم پاران هڪ ٻار جي طبيعت نازڪ هجڻ ڪري کيس سکر اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي، ان موقعي تي صحت کاتي جي ٽيم ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته ڳوٺ ۾ ارڙي جي وبا پکڙجڻ واري خبر ميڊيا تي نشر ٿيڻ بعد هتي پهتا آهيون، اسڪول ۾ ڪئمپ قائم ڪئي آهي، متاثر ڳوٺ سميت ٻين ڳوٺن جي ٻارڙن جي چڪاس پڻ ڪئي ويندي، جڏهن ته هڪ ٻارڙي گلمينا جي طبيعت ناساز آهي کيس وڌيڪ بهتر علاج لاء سکر منتقل ڪري رهيا آهيون.