پيرو لاشاري (ن پ ا) ٽنڊو غلام حيدر جي ڳوٺ جمال الدين لاشاري جي رھواسي زميندار ميرمحمد لاشاري ۽ عرض محمد لاشاري پريس ڪلب پيرو لاشاري پھچي صحافين اڳيان دانھيندي ٻڌايو ته سندس اڍائي ايڪڙ سروي زمين تي تر جي بااثرن آبپاشي عملدارن جي ملي ڀڳت سان قبضو ڪري ورتو آهي. باقي بچيل ذاتي زمين مان ناجائز واٽر ڪورس ڪڍي سندس فصل ٻوڙڻ چاھين ٿا. بار بار شڪايتن باوجود ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي. ھنن ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قبضاگيرن ۽ آبپاشي عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.