ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ لڳ ڳوٺ نم شريف واسي جوڻيجا برادري جي ماڻهن بااثرن پاران زمين تي مبينا قبضي ۽ زخمي ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي غلام نبي جوڻيجو، محمد شعبان، نثار احمد، آصف علي ۽ ٻين چيو ته جعفري برادري جي بااثر ماڻهن 300 جريب زمين تي قبضو ڪيو آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن حملو ڪري اسان کي زخمي ڪيو. هنن بااثرن خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي.