نئون ڪوٽ (ن پ ا) سي آءِ اي پوليس ميرپورخاص جو نئون ڪوٽ ۾ ديسي گٽڪو وڪرو ڪندڙ موٽر سائيڪل سوار دانش لوهار کي گٽڪي سان ڀريل پاچڪي سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. جڏھن ته هڪ جوابدار فرار ٿي ويو. گرفتار جوابدار دانش لوهار ۽ فرار جوابدار عطا محمد منڌرو تي نئون ڪوٽ ٿاڻي تي سي آءِ اي پوليس جي اي ايس آءِ هدايت الله ناريجو جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو.