ٽنڊوآدم (ن پ ا ) ٽنڊو آدم سٽي پوليس دهشتگردي جي ڪيس ۾ گرفتار ٽنڊي آدم جي ٻن صحافين عبدالله بهڻ ، غلام جيلاني ۽ پاسبان اڳواڻن سلطان خاصخيلي م سليم چيما ، حفيظ چيما ، رمضان انصاري ، صديق چيما ، راول هنڱورو ۽ ٻين جي ڪيس جو حتمي چالان پوليس دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد بينظيرآباد ۾ پيش نه ڪري سگهي .ڪيس ۾ قانوني راءِ نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي جاچ آفيسرانسپيڪٽر حاجي اسحاق سنگراسي عدلت کان حتمي چالان لاءِ 5 ڏينهن جي مهلت گهري عدالت جاچ آفيسر کي تنبيھه ڪئي ته 23 آڪٽوبر تائين ڪيس جو حتمي چالان هر حالت ۾ پيش ڪيو وڃي . ان موقعي تي ذڪر ڪيل جوابدارن کي پڻ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو . جڏهن ته ڪيس جا گرفتار 8 ئي جوابدارن جي ضمانت لاءِ عدالت ۾ درخواست ڪئي جنهن تي عدالت ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي لاءِ 25 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪئي.