حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ کپرو جي عدالت پاران انشورنس ڪمپني جي رقم جا لکين رپين وارا چيڪ گم ڪرڻ واري معاملي تي ڪيس داخل ڪرڻ واري حڪم تي اسٽي ڏئي ڇڏيو آهي. 14 آڪٽوبر تي ايڊيشنل سيشن جج کپرو جي عدالت نعيم بوزدار پاران داخل 22 اي جي درخواست بعد کپرو پوليس کي مسمات امامت ڀنڀرو خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، مسمات امامت ڀنڀرو پنهنجي وڪيل ميان تاج محمد ڪيريو معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي جنهن ۾ سندس موقف آهي ته مڙس جي اڪائونٽ مان هن انشورنس واري رقم ڪڍرائي اڪائونٽ بند ڪرائي ڇڏيو هو، درخواست تي ٻڌڻي عدالتي ڪارروائي جو بائڪاٽ هئڻ سبب جسٽس عدنان الڪريم چيمبر ۾ هلائي. ٻڌڻي دوران وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته ايڊيشنل سيشن جج کپرو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندڙ شخص جو ڀاءُ بئنڪ ۾ ملازم آهي جنهن پهريان به مبينا طور شهرين جا چيڪ گم ڪيا هئا ۽ هاڻي ڄاڻايل عورت تي پڻ چيڪ گم ڪرڻ جا الزام هڻي فراڊ جو ڪيس پيو داخل ڪرائي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ايس ايس پي سانگهڙ ۽ ايس ايڇ او کپرو کي ايڊيشنل سيشن جج جي حڪم تي ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪيندي آرڊر تي اسٽي ڏئي ڇڏيو آهي.