حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالتن منشيات ڪيس مان ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت جوابدار مهتاب علي پنهور کي بري ڪيو. فورٿ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت جوابدار خالد سعيد کي بري ڪيو.