ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ هڪ سال اڳ نڪاح مٿان نڪاح ڪندڙ جوڙي کي 2-2 سال قيد ۽ 10-10 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا، ٽنڊوآدم شهر جي الهيار مري ڳوٺ جي نڪاح مٿان نڪاح ڪندڙ جوڙي عاشق ملڪ ۽ مسمات شبانا چشتي تي غير شرعي طور نڪاح مٿان نڪاح ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سول جج ٽو جي عدالت پاران 2-2 سال قيد ۽ 10-10 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ٽنڊوآدم جي عبدالله ٽائون واسي نڪاح مٿان نڪاح ڪندڙ عورت جي مڙس محمد رمضان چيما جي والد عبدالڪريم چيما 14 اپريل 2020 تي ٽنڊوآدم سٽي ٿاڻي تي ايف آئءِآر داخل ڪرائي هئي جنهن جي بنياد تي جوابدارن کي سزا ملي ۽ کين جيل موڪليو ويو آهي.