ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۽ ڀرپاسي موٽرسائيڪلن جي ٽڪر ۾ بلال، عابد علي، راجه ۽ صدام حسين زخمي ٿي پيا. جڏھن ته ٻن مختلف ڌرين ۾ ٿيندڙ جھيڙن دوران مسمات کنڊل ۽ حاجي زخمي ٿي پيا، سمورن زخمين کي تعلقي اسپتال ٽنڊوآدم آندو ويو جتان خمي بلال کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ايل ايم يو حيدرآباد نيو ويو.