سامارو (ن پ ا ) سامارو شھر ڀرسان عمرڪوٽ روڊ تي پپر موري وٽ ٽي ڏينھن موٽر سائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 30 سالن جو نوجوان رميش پٽ راجو ميگھواڙ سخت زخمي ٿي پيو ھو جنھن کي سامارو اسپتال مان حيدرآباد اسپتال ريفر ڪيو ويو ھو زخمي نوجوان رميش ميگھواڙ زخمن جي سٽ نه سھندي حيدرآباد اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جنھن جو مڙهه ڪوٽ غلام محمد ڀرسان پچاڻ موري جي ڳوٺ خوشي محمد ۾ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.