ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم جي شاهه فيصل اسٽريٽ ۾ 3 مهينا اڳ گهر اندر قتل ٿي ويل سفينه جي ڊيلر ملا ارشاد جي قتل ڪيس جو چالان جيڪو سول ڪورٽ ٽنڊوآدم ۾ ڪيس جي جاچ ڪندڙ سي آءِ اي سانگهڙ پاران پيش ڪري سندس ملازم آصف شاھ کي جوابدار ڄاڻايو ويو هو عدالت پاران ڪيس جو چالان رد ڪندي ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کي ڪيس جي ٻيهر جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد اي ايس پي نوابشاهه ظفر صديقي ۽ انسپيڪٽر خان محمد رند تي ٻڌل جاچ ٽيم ٽنڊوآدم پهچي ڪيس جي ٻيهر جاچ شروع ڪئي سٽي ٿاڻي تي ڪيس جي فريادي مقتول جي ڀاءُ شمشاد چندريگر ، مقتول جي زال مسمات شاهين، ملازم آصف شاهه سميت 10 کان وڌيڪ اهڙن ماڻهن کي جن جا آخري ڏينهن تي موبائل تي مقتول سان رابطا هئا ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي تن کي طلب ڪري سندن بيان رڪارڊ ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ پتو پيو آهي ته جاچ ٽيم ٻن هفتن ۾ جاچ مڪمل ڪري ڊي آءِ جي کي پيش ڪندي بعد ۾ ڪيس جو حتمي چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.