گھوٽڪي: ڪيس داخل ڪرائڻ تان پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي جي گهر تي مبينا حملو

0
327
ڪنڌڪو: ڌاڙيل ٽڪر سبزوئي

گھوٽڪي(ن پ ا) اسان خلاف عدالت ۾ درخواست ڇو داخل ڪرائي، پسند جي شادي ڪندڙ ناري ليلان ملڪ ۽ نوجوان احسان ملڪ جي گهر تي جوابدارن جو مبينا حملو، جوڙي جو حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاء احتجاج، پوليس عدالتي حڪم باوجود تحفظ فراهم نٿي ڪري، جوڙي جون دانهون، گهوٽڪي ڀرسان لوهي جي رهواسي پسند جي شادي ڪندڙ مسمات ليلان خاتون ملڪ پنهنجي مڙس احسان علي ملڪ سان گڏجي گهوٽڪي ۾ صحافين آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته والده ۽ ماما پئسن عيوض وڪرو ڪري پيرسن شخص سان شادي ڪرائي رهيا هئا جنهن سبب هن برادري جي نوجوان احسان ملڪ سان هفتو اڳ گهوٽڪي جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي پسند جي شادي ڪرڻ بعد رشتيدارجان جا ويري بڻجي ويا جنهن سبب هن تحفظ لاء ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائڻ تي رشتيدار جيوڻ ملڪ, جان محمد,قلندر ملڪ, مراد علي ملڪ صدام حسين ملڪ ۽ ٻيا جان جا دشمن بڻجي ويا آھن ۽ عدالت ۾ داخل درخواست تان هٿ کڻائڻ لاء گهر تي حملو ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ دانهون ڪرڻ تي ڀرپاسي جا رهواسي جي رهواسين جي پهچڻ تي جوابدار موت مار ڌمڪيون ڏئي فرار ٿي ويا احتجاج ڪندڙ جوڙي احسان ملڪ ۽ مسمات ليلان خاتون ملڪ چيو ته مائٽن جي موتمار ڌمڪين جي خوف کان پوء اسان گهر ڇڏي دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهيون معاملي جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي,ڊي آء جي سکر,ايس ايس پي گهوٽڪي نوٽيس وٺي موتمار ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي.