جهڏو/ ڪلوئي (نمائندن وٽان) جمعيّت علماءَ اسلام سنڌ جي صدر راشد محمود سومرو جهڏو ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب جيڪا تباهي آئي آهي مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي تباهي ناهي ڏٺي، سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پيپلزپارٽي وارا ٻڌائي سگهن ٿا يا سنڌ جو عوام ٻڌائي سگهي ٿو، هن وقت جيڪا تباهي آئي آهي ان کي منهن ڏيڻ ڪنهن هڪڙي حڪومت يا هڪڙي تنظيم جي وس جي ڳالهه ناهي، هن صورتحال ۾ سڀني کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو، هن چيو  ته عمران حڪومت ۾ جيڪو گند ڪيو ويو آهي ان کي صاف ڪرڻ ۾ اڃان وقت لڳندو، عمران خان پنهنجي دور ۾ آئي ايم ايف سان سخت معاهدا ڪيا اسٽيٽ بينڪ کي گروي رکي ڇڏيو، ان جا نتيجا پاڪستان جي عوام ڀوڳي رهيو آهي ،ٻي طرف راشد خالد محمود سومرو ڪلوئي جي ڳوٺ ڪمهالو ۾   ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر ماڻهن ۾ روڪ رقم ورهائي وئي،