سامارو (ن پ ا) سامارو ۾ منشيات وڪري خلاف سماجي اڳواڻ عظيم خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي منشيات سرعام وڪرو ٿي رهي آهي، جنهن سبب نوجوان نسل تباهه پيو ٿئي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي منشيات وڪرو بند ڪرائي وڃي.