ٺڪراٺو (ن پ ا) ٺڪراٺي ڀرسان نامعلوم چور مھر مائينر جا دروازا چوري ڪري ويا، آبپاشي عملو بي خبر بڻيل. خبر موجب ٺڪراٺي ڀرسان آر ڊي 66 جي اچيھر ريگيوليٽر وٽان مھر مائينر  کي لڳل لوھ جا 2 دروازا نامعلوم چور پٽي فرار ٿي ويا. واردات بعد مقامي  ڳوٺاڻن آبپاشي عملي کي اطلاع ڏنو پر ڪو به عملدار مائنير تي چوري واري ھنڌ نه پهتو. ڳوٺاڻن ان سلسلي ۾ ٻڌايو ته مائينر جا دروازا چوري ٿيڻ ۽ ھيڊ اپ نه ھئڻ سبب پڇڙي جي آبادگارن جون زمينون ٻڏڻ جو خدشو آھي، جلد دروازا لڳائي نقصان کان بچايووڃي. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او ايريگيشن سب ڊويزن خانگڙھ غلام مرتضيٰ پتافي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته علائقي واسين مائينر جا دروازا چوري ٿيڻ جو اطلاع ڏنو آهي. لاڳاپيل داروغي ۽ سب انجنيئر کي اماڻيو آهي. دروازا چوري ڪندڙن  خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ مائينر کي جلد دروازا لڳائڻ جو بندوبست پڻ ڪيو ويندو.