ٺٽو ( رپورٽر ) فوتي عورت جي مڙھ کي قبرستان ڏانهن کڻي ايندڙ سوزوڪي پڪ ڪلٽي ٿيڻ سبب  ڊرائيور سميت 8ڄڻا سخت زخمي  ٿي پيا. ان ڏس ۾  جھمپير ويجھو نوري آباد روڊ لڳ شفيع محمد موڙ وٽ ڳوٺ علو جاکرو جي ڳوٺاڻي پورهيت اڪبر جاکرو جي فوت ٿي ويل گھر واري جي مڙھ کي قبرستان سونڊا ۾ تدفين لاءِ کڻي ايندڙ سوزوڪي پڪ اپ روڊ جي تباھ حالي سبب ڊرائيور کان بي قابو ٿي اونڌي ٿي پئي نتيجي ۾ جنازي سان گڏ سوزوڪي پڪ ۾ سوار خدابخش جاکرو ، گلاب ، اسحاق ، علي خان ، پوڙهو ۽ سوزوڪي پڪ اپ ڊرائيور سڪڻو جاکرو سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا ڳوٺ گهنور خان جاکرو جي رهواسي زخمين کي سول اسپتال ٺٽو ۽ حيدرآباد علاج لاءِ اماڻيو ويو جڏهن ته جنازي کي ٻي گاڏي ذريعي سونڊا قبرستان پهچائي تدفين ڪئي وئي ، زخمين ۾ ڪجھه زخمين جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي .