سوال/سروي … 25 ارب ورهائڻ واري حڪومتي دعويٰ رد: ٻوڏ متاثرن کي ايتري رقم ملي ۽ خبر به نه پئي؟: عوام

0
146

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت ٻوڏ متاثرن ۾ 25 ارب رپيا ورهائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ڇا اوهان جي علائقي ۾ متاثرن کي امدادي رقم ملي آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن 25 ارب ورهائڻ جي حڪومتي دعويٰ رد ڪندي چيو ته اسان وٽ متاثرن کي هڪ رپيو به امداد ناهي ملي، راشن به ناهي ڏنو ويو، ٽينٽ لاءِ متاثر پريشان آهن، خبر ناهي ايتري رقم ڪٿي ورهائي اٿن جو متاثرن کي به خبر ناهي پئي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي شفيع ملاح لکيو ته حقيقي برسات ۽ ٻوڏ متاثر پريشان آھن تعلقي مانجهند ۾ وڏيرن ۽ انهن جي ماڻھن کي راشن ڏنو پيو وڃي، گل حسن شر لکيو ته سڀ ڪم ڪاغذن ۾ پورا ڪيا ويا آهن، عابد ڀٽي لکيو ته ضلعي عمرڪوٽ ۾ هڪ ارب جي رقم جي ورهاست ٿي وئي آهي في خاندان کي 25000 مليا آھن، عرفان جروار لکيو ته بلڪل نه ضعلي ٽنڊوالھيار جي يوسي مسڻ ۽ بيگن جروار ۾ نه راشن نه ڪو ٽينٽ نه ڪا مڇر داني ملي آھي، شنڪر لال لکيو ته اسان وٽ ھينئر تائين وفاقي حڪومت طرفان احساس پروگرام واريون قسطون ملي رھيون آھن، فاروق بلوچ لکيو ته شڪارپور جي ڳوٺ غلام رسول جعفري ۾ پئسا ته ڇا پر راشن به ناهي مليو، شاهد سرور ٻگهيو لکيو ته ڳوٺ ڌڻي بخش ٻگهيو خيرپور ناٿن شاهه ۾ ڪجهه ناهي مليو، ميهر خان چانگ لکيو ته تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي ڳوٺ رحم علي چانگ ۾ ھڪ مڇرداني ڏئي ويا آهن، شاهد ڏاهري لکيو ته ڀريا روڊ ۾ من پسندن کي پئسا مليا آهن، احسان علي چانڊيو لکيو ته خيرپورناٿن شاھ سڄي تعلقي جي مختلف ڳوٺن توڙي ننڍن شھرن سميت ڳوٺ گل محمد چانڊيو ٻيلوپتڻ ڪاٺيا سميت ڪٿي به ڪجھه نه مليو آھي، الياس سمون لکيو ته اسان وٽ ضلعي انتظاميا ٺٽو سخي آهي متاثر دربدر آهن پر جيالن جي چوپائي مال لاءِ ٽينٽ ڏنا ويا آهن، ڀيمراج ڪمار لکيو ته ٽنڊوباگو ۾ بي آءِ ايس پي رجسٽرڊ وارن جا به پئسا ناهن آيا، فضل سبزوئي لکيو ته تعلقي ڪنڌڪوٽ تعلقي تنگواڻي ۾ ھن وقت تائين ڪنهن به برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي ھڪ رپيو به نه مليو آهي، تسليم احمد ڪوري لکيو ته سڳيون ۾ سنڌ سرڪار طرفان ڪجهه به ناهي ڏنو ويو، سعيد لغاري لکيو ته ميرپور ماٿيلو ۾ راشن ئي ناهي ڏنو ويو، هالار ياسين لکيو ته سرڪار پاران دادو ضلعي ۾ ڪجھه به نه مليو آهي، رقم ته پري جي ڳالھه آهي، باقي سماجي تنظيمون ۽ علائقي جا خوددار نوجوان پنهنجي هڙان وڙان متاثرن جي سهائتا ڪري رهيا آهن، صدام لغاري لکيو ته اھا دعويٰ بلڪل غلط آھي نصيرآباد ۾ ٻوڏ متاثرن جي ڪنھن ڪا به سار سنڀال نه لڌي آھي، اياز راهوجو لکيو ته اسان کي 22 رپيا به ناهن مليا، شان علي لکيو ته نوابشاهه ۾ فنڊ ته پري رهيو ڪجهه ناهي مليو، اميد علي کوسو لکيو ته اسان وٽ رڳو مڇردانيون لکي ويا ڏنيون به نه اٿن، علي گوهر سومرو لکيو ته اها رقم الائي ڪنهن کي ملي آهي، تيجو مل سوٽھڙ ھنسراجاڻي لکيو ته ميرواھ گورچاڻي واسي 8171 تي ميسيج جو انتظار ڪري رهيا آهن، منور علي لکيو ته 10 سيڪڙو ماڻهن کي رقم ملي آهي، خدا ڏنو شورو لکيو ته ميرپورخاص جي يوسي جهلوري ۾ چونڊيل نمائندن ڪجهه ناهي ڏنو، نجاوت خان مغيري لکيو ته وارهه ۾ هڪ رپيو به امداد ناهي ڏني وئي، محمد فيض لکيو ته جيڪي متاثر آهن انهن جا نادرا سان گڏجي اڪائونٽ کولي امداد موڪلي وڃي، علي گل شيخ لکيو ته مريدشاخ کنڀڙا جي ڳوٺن ۾ چيلهه جيڏو پاڻي هن وقت بيٺل آهي، ٽڪي جي به مدد ناهي ڪئي وئي، طارق حسين لکيو ته صرف دعوائون آهن، ڳوٺ ميانداد چنجڻي تعلقو نصيرآباد ڊسٽرڪٽ قمبرشھدادڪوٽ ۾ برسات سبب 80 سيڪڙو گهر تباهه ٿي ويا آهن، هن وقت تائين چونڊيل نمائندن سميت ڪو به واهر لاءِ نه پهتو آهي،  فاروق حيدر لکيو ته امداد هجي ته اهڙي جو مستحق به پريشان هجي ته ايتري ملي جو اسان کي خبر ئي نه پئي، لياقت علي وگهيو لکيو ته ضلعي مٽياري ۾ به ڪنھن غريب مسڪين کي نه راشن مليو آهي  نه ڪا امداد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا به انھن کي مليا آھن جنھن جو ڪوبه نقصان نه ٿيو آھي، ارباب بچواڻي لکيو ته اسان جي شهر عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي ۾ انھن عورتن کي پئسا مليا آهن جيڪي اڳ ئي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو حصو آهن باقي ڪافي اھڙا به ماڻهو آهن جيڪي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو حصو نه آهن انهن کي ڪجھه به ڪونه مليو آهي اسان مطالبو ٿا ڪريون ته جيڪي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو حصو نه آهن انهن کي امداد ملڻ کپي ڇو ته ٻوڏ متاثر ھو به ته آهن، عبدالعزيز بلوچ لکيو ته ٿر ۾ عوام کي ٺلها آسرا آهن هڪ رپيو به ناهي ڏنو ويو، نارائڻ سنڌي لکيو ته سنڌ حڪومت اربين رپيا گڏ ڪري ڪوڙا علان ڪري رهي آهي، مٺي کان وٺي نئون ڪوٽ تائين ٻوڏ متاثر بکون ڪاٽي رهيا آهن، پريم ڀيل لکيو ته اسان کي پئسا ناهن مليا، شيراز احمد لکيو ته ڳوٺ مٺو خان چانگ، ٽنڊو غلام حيدر ۾ ھڪ پائي جو به امدادي سامان ناھي مليو، عبدالغفور جمالي لکيو ته نيوسعيد آباد ۾ رقم ناهي ملي، فدا حسين لکيو ته پي ايس 62 ۾ مڇر مار اسپري به ڪيو اٿن، عبدالحميد مگسي لکيو ته اسان جي تعلقي قبوسعيد خان ۾ ڪنهن کي ٽڪو به ڪو نه مليو آهي، اسد ماڇي لکيو ته ڄامشوري ۾ اسان سڀني جي جاچ پڙتال پئي ھلي، عرفان سيلرو لکيو ته اسان جي علائقي جا چونڊيل نمائندا ٿا چون اسان وٽ ڪجهه ڪونهي، ايوب بجير لکيو ته امداد ته ٺھيو پر هتي مڇر جام آهن اسپري نه ٿيو نه وري مڇردانيون ڏنيون اٿن، قلندر باجڪاڻي لکيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ ڪجهه ناهي مليو، معشوق بروهي لکيو ته ضلعي مٽياري ۾ متاثرن جي ڪنھن سار نه لڌي آهي 23 ارب مان 10 سيڪڙو امداد به عوام کي نه ملي ھوندي، گلزاري لال لکيو ته وڏيرن ماتلي ويجهو مراد واهه کي ڪٽ هڻي رهيل ڳوٺ به ٻوڙائي رهيا آهن، شرف الدين ڪيريو لکيو ته سنڌ جي انهن شھرن ۾ رقم جي ورھاست ٿي آهي جتي پاڻي ناهي اسان جي ضلعي نوشھرو فيروز ۽ شھر ڀرياروڊ ۾ 100 مان پنج پرسنٽ عورتن کي پئسا مليا آهن سي به اڃا رولڙي جو شڪار آهن، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته اسان جي شهر ڪڍڻ ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ 25 هزار ورهايا ويا ، قادر شر لکيو ته تعلقو سنڌڙي ۾ بلڪل ناهي ملي امداي رقم،  محمد حسين لکيو ته هتي نه ڪا امداد ملي نه ڪو سامان مليو رڳو علان ٿيا آهن، سرهاري ۾ رڳو ووٽن جي وقت ظاهر ٿين ٿا، ايم فهيم لنڊ لکيو ته سرڪار پاران بدين ضلعي جي شهر پنگريو ۽ ڀرپاسي ڳوٺن ۾ ڪجھه به نه مليو آهي، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته سرڪار پاران بدين ضلعي ۾ ڪجھه به نه مليو آهي، رقم ته پري جي ڳالھه آهي، عبدالغفور لکيو ته سنڌ سرڪار پاران ھڪ رپيو به نه مليو آهي، ايم اسماعيل بلوچ لکيو ته بدين ۾ ڪجهه ناهي مليو، اياز گل لغاري لکيو ته دعويٰ غلط آهي، شهمير جمالي لکيو ته تعلقي سڪرنڊ جي ڪنھن به متاثر کي اڃا تائين ڪابه امدادي رقم ناھي ملي متاثر اڄ به ھڪ ويلي لاءِ پريشان آھن. سردار لطيف لکيو ته 25 ارب ٻڌي افسوس ٿيو، عاشق ڀٽي لکيو ته اسان جي سڄي ڳوٺ مان ڪنھن ھڪ به عورت کي امدادي رقم ناھي ملي، سميع الله شر لکيو ته سنڌڙي تعلقي ۾ امداد ناهي ٿي، ممتاز علي سميجو لکيو ته هي پنهنجا نوازي ۾ پورا آهن رات پيٽ ۾ متاثرن لاءِ ايندڙ امدادي سامان ۽ ٽينٽ به ڀوتارن کي ڏين ٿا، محمد موسيٰ سرڪي لکيو ته اسان جو شهر ڳڙهي حسن ڏهه هزار کان وڌيڪ آبادي رکندڙشهر آهي جتي چند سو کان سواءِ تمام متاثرن جا ڪارڊ خالي پيا اچن هرڪو صرف آسري ۾ آهي، هڪ لک عورتن جا ڪارڊ اچڻا هئا صرف 6700 ڪارڊ جاري ٿيا آهن، راجا خان عباسي لکيو ته نوشهرو فيروز ۾ متاثر بکن تي آهن پنهنجا نوازي تحت راشن ڏنو ٿو وڃي، ذوالقرنين لنڊ لکيو ته اسان وٽ بلڙي شاھه ڪريم تعلقي ۾ ڪٽوتي ڪن ٿا، حاڪم علي ڪٽوهر لکيو ته ڳڙهي خيرو تعلقي ۾ متاثرن کي ڪجهه ناهي مليو، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته منھنجو ڳوٺ علي آباد جاڳڻ روڊ شڪارپور محلي واسي بي گھر بي سھارا بڻيل آهن، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته امداد ناهي ملي، علي آڪاش لکيو ته ميهڙ ۾ اسان کي ھڪ رپيو به نه مليو آھي. شاهه محمد رستماڻي، خميسو خان، شاهه محمد، ناز ربنواز شر، مظهر علي، عارف بلوچ، امير حسين ٽانوري، مهڪ خان، ظهير خان، ڪاشف علي تنيو، پريم چند ڀاٽيا، علي حيدر شر، جادم شر، اي ماجد کوسو، صفي الله سهرياڻي، ذوالفقار علي کوسو، شاهنواز خان خشڪ، قلندر باجڪاڻي، عنايت، ديا ميگهواڙ، اشرف علي ٻٻر، ابو عبدالحئي، سيد علي اصغر بخاري، عبد ٻرڙو، عبدالوحيد، رسول بخش، ايم آصف آرائين، جنيد زرين بلوچ، محاذ جان بروهي، غلام مرتضيٰ شر، انور، نارو رام، نذير لاکو، پرويز علي شاهه، ايم بي ايس جاني، حاجي خان پنهور، رياض بهڻ، شاهه محمد جمالي، روشن پرهياڙ، شهزادو پرديسي، انيد عاشق جسڪاڻي، احسان کوسو، سڄڻ جاني، نيلم قريشي ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.